Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 17:17 - Muslim Sindhi Bible

17 دوست بيشڪ پنهنجي دوستي نڀائي ٿو، مگر ڀاءُڀيڻ تہ پيدا ئي مصيبت ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 دوست هر وقت پيار ڪري ٿو، ۽ ڀاءُ مصيبت جي وقت لاءِ ڄائو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 17:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي يونتن، منهنجا پيارا ڀاءُ! مون کي تنهنجو ڏاڍو ڏک آهي. تون مون کي ڏاڍو وڻندو هُئين، جڏهن تہ تنهنجي بہ مون سان عجيب الفت هئي، هائو، عورت جي محبت کان بہ وڌ تنهنجي مون سان محبت هئي.


پر اِتيءَ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”زندہ خدا جو ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جي سر جو قسم آهي تہ جنهن بہ هنڌ منهنجو آقا بادشاهہ هوندو، موت ۾ توڙي زندگيءَ ۾ اوهان جو ٻانهو بہ اوهان سان ضرور گڏ هوندو.“


جيڪڏهن تون هن وقت ماٺ ڪري ويهي رهندينءَ تہ يهودين جو بچاءُ ڪنهن ٻئي هنڌان بہ ٿي ويندو. پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو سڄو گھراڻو ناس ٿي ويندو. تو کي ڪهڙي خبر آهي تہ شايد تون هن ئي وقت لاءِ انهيءَ مقام تي پهتي هجين؟“


دوکيباز ماڻهو ٻين ۾ جھيڙا جھڳڙا ٿا پيدا ڪن، ۽ چغلخور ماڻهو دوستن ۾ دشمنيون وجھيو ڇڏين.


گھڻا دوست اهڙا هوندا آهن، جيڪي برباديءَ جو سبب ٿا بڻجن، پر ڪو اهڙو دوست بہ هوندو آهي، جيڪو ڀائرن کان بہ وڌيڪ ويجھو ٿئي ٿو.


بي‌وقوف اولاد والدين لاءِ مصيبت آهي، ۽ جھيڙاڪ زال سياري جي برسات جي جھَڪ مثل آهي.


جڏهن غريب ماڻهوءَ کان سندس ڀائر ئي نفرت ٿا ڪن، تڏهن سندس دوست کانئس ڪيڏو نہ پري ڀڄندا، توڙي جو هو مدد لاءِ سندن پٺيان ڊوڙندو وتي.


هاڻ جيئن تہ پاڪ ۽ مخصوص ڪرڻ واري يعني عيسيٰ جو ۽ پاڪ ۽ مخصوص ٿيڻ وارن يعني ٻارن جو پيءُ هڪڙو ئي آهي، تنهنڪري عيسيٰ انهن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي،


پر رُوت وراڻيو تہ ”مون کي ائين نہ چئُہ تہ آءٌ تو کي ڇڏي وڃان، مون کي پاڻ سان گڏ هلڻ کان نہ موٽاءِ. جيڏانهن تون ويندينءَ اوڏانهن آءٌ بہ وينديس، جتي تون رهندينءَ آءٌ بہ اتي ئي رهنديس. جيڪا قوم تنهنجي آهي سا منهنجي بہ ٿيندي، جيڪو خدا تنهنجو آهي سو ئي منهنجو بہ ٿيندو.


۽ ساڻس دائمي دوستيءَ جو عهد اقرار ڪيائين.


سو هن دائود کي وڃي ٻڌايو تہ ”منهنجو پيءُ تو کي مارائڻ ٿو گھري. تنهنڪري هاڻي آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي هوشياري ڪر ۽ سڀاڻي سوير تون ڪنهن ٻنيءَ ۾ وڃي لڪي ويهہ.


جتي تون لڪل هوندين، تنهن جي ويجھو آءٌ ٻاهر نڪري وڃي پنهنجي پيءُ سان تو بابت گفتگو ڪندس. پوءِ جيڪي ڪجھہ مون کي معلوم ٿيو سو آءٌ تو کي اچي ٻڌائيندس.“


يونتن دائود کان انهيءَ محبت منجھان جيڪا هن سان هئس وري بہ قسم کڻايو، ڇاڪاڻ تہ يونتن ساڻس پنهنجي ساهہ جهڙو پيار ڪندو هو.


تڏهن سائول جو پٽ يونتن ٻيلي ۾ دائود وٽ آيو ۽ کيس خدا جي يقيني حفاظت بابت همتايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ