Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 17:14 - Muslim Sindhi Bible

14 جھيڙي جي شروعات ائين آهي، جيئن ڪنهن درياءَ ۾ روڻ پئجي وڃي. تنهنڪري جھڳڙي ٿيڻ کان اڳ ئي جھيڙو ڪرڻ ڇڏي ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 جهيڙي جو شروع ٿيڻ اهڙو آهي جهڙو پاڻي ڇوڙي ڇڏڻ: تنهن ڪري جهيڙو ٿئي تنهن کان اڳي تڪرار ڇڏي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 17:14
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بني اسرائيل جي اتر وارن قبيلن جا سمورا ماڻهو بادشاهہ وٽ آيا ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ”ڇو اسان جا قوم وارا، بني يهوداہ جا ماڻهو اوهان کي لڪ چوريءَ وٺي آيا آهن؟ هو ڇو بادشاهہ کي سندس گھراڻي ۽ سندس سڀني ماڻهن سميت اردن درياءُ پار ٽپائي وٺي آيا آهن؟“


ابياہ ۽ سندس لشڪر هنن ۾ ڏاڍو ڪوس وڌو، تان جو اسرائيل ملڪ جا پنج لک سگھارا ماڻهو مارجي ويا.


اسرائيل جي بادشاهہ يهوداہ ملڪ ۾ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هڪ لک ويهہ هزار بهادر ماڻهو مارائي ڇڏيا، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.


تڪبر وارو صلاح مصلحت تي ڌيان نہ ڏيئي مصيبتن ۾ ڦاسيو وڃي، مگر صلاح مصلحت سان هلڻ ۾ ئي دانائي آهي.


جذباتي انسان پنهنجي بي‌وقوفي ظاهر ڪيو ڇڏي، مگر صبر وارو انسان نهايت عقلمند ٿئي ٿو.


نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي، مگر کهري زبان ڪاوڙ وڌايو ڇڏي.


وڏو زورآور ٿيڻ کان اهو بهتر آهي جو اوهين پنهنجي غصي کي ضابطي ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ شهرن تي قبضو ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ بهتر آهي.


جيڪو بدڪاريءَ کي پسند ٿو ڪري سو جھيڙي جھڳڙي کي دعوت ٿو ڏئي، ۽ مغروريءَ سان ڳالهائيندڙ پنهنجي برباديءَ کي دعوت ٿو ڏئي.


غصي کي قابوءَ ۾ رکڻ عقلمندي آهي، ۽ خطا کي درگذر ڪرڻ ۾ مان مرتبو آهي.


جيڪي جھيڙي کان پري ٿا رهن، سي ئي شريف ماڻهو سمجھيا ٿا وڃن. رڳو بي‌وقوف ماڻهو ئي جھڳڙو ڪرڻ جا عادي آهن.


ڪنهن تي تڙ تڪڙ ۾ الزام هڻي دعويٰ داخل ڪرڻ کان اڳ، پڪ ڪريو تہ اوهين حق تي آهيو، نہ تہ اوهين پنهنجو مقدمو هارائيندا ۽ پشيمان ٿيندا.


جيئن ٽانڊن لاءِ ڪوئلا ۽ باهہ لاءِ ڪاٺيون آهن، تيئن ئي جھڳڙالو ماڻهو جھڳڙي کي وڌائين ٿا.


جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، هائو، غصيلو انسان گناهن مٿان گناهہ ڪريو وجھي.


جيڪڏهن ٿي سگھي تہ اوهين پنهنجي وس آهر سڀني ماڻهن سان صلح ۾ رهو.


جهڙيءَ طرح اسان اوهان کي اڳي ئي چئي ڇڏيو آهي، تهڙيءَ طرح ڪوشش ڪري امن وَ امان واري زندگي گذاريو، پنهنجي ڪم سان ڪم رکو ۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ