13 جيڪو چڱائيءَ جي بدلي ۾ بڇڙائي ٿو ڪري، تنهن جي گھر مان مصيبت ڪڏهن نہ ويندي.
13 جيڪو چڱائيءَ جي بدران بڇڙائي ڪري ٿو، تنهن جي گهر کان بڇڙائي ڪڏهن بہ پري نہ ويندي.
تنهنڪري، هاڻي تنهنجي گھراڻي تان تلوار اصل ڪانہ ٽرندي، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي خسيس ڄاتو آهي جو تو اورياہ حتيءَ جي زال کي پنهنجي زال بڻايو آهي.
آءٌ تنهنجو گھراڻو يربعام ولد نباط ۽ بعشا ولد اخياہ جي گھراڻن جهڙو ڪري ڇڏيندس، ڇو تہ تو مون کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو آهي ۽ اسرائيل وارن کان گناهہ ڪرايو اٿيئي.‘
منهنجي نيڪيءَ جي بدران هو مون سان بدي ڪن ٿا، جنهن جي ڪري آءٌ بلڪل مايوس ٿي وڃان ٿو.
جيڪي نيڪيءَ جي عيوض بدي ٿا ڪن، سي منهنجا دشمن بڻجي ويا آهن، ڇوجو آءٌ نيڪيءَ جي راهہ تي هلندو ٿو رهان.
گنهگار ماڻهو جيڏانهن بہ ويندو، مصيبت سندس پٺيان هوندي. مگر سچارن کي چڱو اجر ملندو.
سڀني ماڻهن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ هن جي خون جي ذميواري اسان تي ۽ اسان جي اولاد تي هجي.“
تنهن تي يهوداہ اهي پئسا هيڪل ۾ ئي ڦٽا ڪري هليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏنائين.
جيڪو اوهان سان بڇڙائي ڪري تنهن سان بڇڙائي نہ ڪريو. اهڙي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو جنهن کي سڀ چڱو چون.
خبردار، ڪوبہ ماڻهو ڪنهن سان بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪري، بلڪ هڪٻئي سان ۽ سڀني ماڻهن سان هميشہ نيڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهو.
بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان کي برڪت جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.
پوءِ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي ۽ چيائينس تہ ”بادشاهہ سلامت پنهنجي ٻانهي دائود سان بدي نہ ڪري، ڇو تہ هن اوهان جو ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، بلڪ هن تہ اوهان لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن.
ان کان پوءِ هو دائود کي چوڻ لڳو تہ ”تون مون کان وڌيڪ سچار آهين، ڇاڪاڻ تہ تو مون سان چڱائي ڪئي آهي، توڙي جو مون تو سان برائي ڪئي هئي.
ان کان اڳ دائود ڪاوڙ مان سوچي رهيو هو تہ ”مون اهڙي ماڻهوءَ جي سموري مال جي، بيابان ۾ اجايو سنڀال پئي ڪئي، ايتري قدر جو سندس ملڪيت مان ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي. پر هن چڱائيءَ جي عيوض مون سان برائي ڪئي آهي.