Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 17:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جنهن رڇڻيءَ جا ٻچا چورايا ويا هجن سا خطرناڪ ٿئي ٿي، مگر تنهن کان وڌيڪ خطرناڪ اهو بي‌عقل ماڻهو آهي، جيڪو بي‌وقوفيءَ وارو ڪم ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 مادي رڇ، جنهن جا ٻچا چورايا ويا هجن، سا ڪنهن ماڻهوءَ کي گڏجي تہ ڀلي گڏجي، پر بي عقل پنهنجي بي عقليءَ ۾ هن کي نہ گڏجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 17:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

حوسيءَ وڌيڪ چيس تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو پيءُ ۽ سندس ماڻهو وڏا بهادر آهن. هن وقت اهي اهڙا تہ غضبناڪ ٿي ويا آهن جهڙي ڪا جھنگلي رڇڻ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن. جيئن تہ اوهان جو پيءُ تجربيڪار جنگي مرد آهي، سو هو رات جو ماڻهن سان گڏ نہ ٿو رهي.


هن پٺ تي منهن ورائي انهن کي ڏٺو ۽ خداوند جو نالو وٺي کين پٽيائين. تڏهن ٻيلي مان ٻہ رڇڻيون نڪري آيون جن انهن ڇوڪرن مان ٻائيتاليهن ڄڻن کي چيري ڦاڙي ڇڏيو.


بدڪار ماڻهو هميشہ فساد چاهيندا ٿا وتن، تنهنڪري کين سخت سزا ڏيڻ لاءِ بي‌رحم ماڻهو مٿن اچي ڪڙڪن ٿا.


پٿر ڳرو ٿو ٿئي ۽ واري اڃا بہ وزني ٿئي ٿي، مگر بي‌عقل جي بي‌عقلي ٻين لاءِ انهن کان وڌيڪ ڳري آهي.


غريبن مٿان بدڪار حڪمران ائين آهي، جيئن شڪار لاءِ بکايل بگھڙ يا ڦرندڙ رڇ.


جيڪڏهن ڪو عقلمند ڪنهن بي‌وقوف سان بحث ٿو ڪري، پوءِ هو ڪاوڙيل رهي يا کِلي، مگر کيس سڪون ڪونہ ملندو.


آءٌ اهڙي رڇڻيءَ جيان اچي اوهان تي ڪڙڪندس، جنهن جا ٻچا کسيا ويا هجن. جيئن جھنگلي جانور پنهنجي شڪار کي اتي ئي چيري ڦاڙي ڇڏيندا آهن، تيئن آءٌ بہ شينهن جيان اوهان جو پيٽ ڦاڙي اوهان کي ڳڙڪائي ڇڏيندس.


جڏهن هيروديس ڏٺو تہ نجومين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيت‌لحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن نجومين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ