Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 17:11 - Muslim Sindhi Bible

11 بدڪار ماڻهو هميشہ فساد چاهيندا ٿا وتن، تنهنڪري کين سخت سزا ڏيڻ لاءِ بي‌رحم ماڻهو مٿن اچي ڪڙڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 خراب ماڻهو رڳو فساد ڳولي ٿو؛ جنهن ڪري انهيءَ جي برخلاف هڪڙو سخت قاصد موڪليو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 17:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابي‌سلوم قربانيون ادا پئي ڪيون تڏهن هن دائود جي صلاحڪار اخيتفل جِلونيءَ کي سندس شهر جِلوہ مان گھرائي ورتو. سازش وڌندي ويئي ۽ ابي‌سلوم جي پوئلڳن جو تعداد جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو.


تڏهن يوآب جا ڏهہ هٿياربند محافظ بہ ابي‌سلوم جي چوڌاري ڦري آيا ۽ کيس وڌيڪ ڌڪ هڻي ماري وڌائون.


تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض يوآب کي چيو تہ ”مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي آءٌ بادشاهہ کي خوشخبري ڏيان تہ ڪيئن نہ خداوند سندس دشمنن کان بدلو ورتو آهي.“


اتفاق سان بنيامين قبيلي جو هڪڙو خبيث ماڻهو سبع ولد بڪري اتي جِلجال ۾ هو. انهيءَ نفيل وڄائي رڙ ڪري چيو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود ۾ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، نڪي وري هاڻ هن سان ڪو اسان جو واسطو آهي. تنهنڪري اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هلون.“


اها عورت پنهنجي سياڻپ واري صلاح سڀني ماڻهن وٽ کڻي ويئي ۽ هنن سبع جي سسي وڍي ٻاهر يوآب کي اڇلائي ڏني. تڏهن يوآب نفيل وڄرائي ۽ سندس سڀيئي ماڻهو شهر وٽان ٽڙي پکڙي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽڻ لڳا. پوءِ يوآب بہ موٽي يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ آيو.


تنهن تي بادشاهہ بناياہ کي حڪم ڏنو تہ ”جيئن هن چيو آهي تيئن ئي ڪر. تون کيس ماري کڻي وڃي دفن ڪرينس. اهڙيءَ طرح جيڪو ناحقي رت يوآب وهايو هو، تنهن جو گناهہ مون تان ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي تان لاهي ڇڏ.


پوءِ بادشاهہ بناياہ کي حڪم ڏنو، جنهن وڃي شمعيءَ تي حملو ڪري کيس ماري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح سليمان جا هٿ بادشاهت تي مضبوط ٿي ويا.


عقلمند ماڻهوءَ تي هڪڙي ڇڙٻ بہ اهڙو اثر ٿي ڪري، جهڙو ڪنهن بي‌عقل تي سؤ چهبڪ بہ نہ ٿا ڪن.


جنهن رڇڻيءَ جا ٻچا چورايا ويا هجن سا خطرناڪ ٿئي ٿي، مگر تنهن کان وڌيڪ خطرناڪ اهو بي‌عقل ماڻهو آهي، جيڪو بي‌وقوفيءَ وارو ڪم ٿو ڪري.


اي منهنجا ٻارؤ! خداوند جو خوف ۽ پنهنجي بادشاهہ جي تعظيم ڪندا رهو، ۽ نافرمان ماڻهن سان ڪوبہ واسطو نہ رکو،


انهن وراڻيو تہ ”هو ضرور انهن بڇڙن ماڻهن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين جي حوالي ڪندو، جيڪي ميوي لهڻ وقت کيس سندس ڀاڱو ڏين.“


تنهن تي بادشاهہ اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين.


هاڻ منهنجا اهي دشمن جن جي مرضي نہ هئي تہ آءٌ مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو ۽ کين منهنجي اڳيان قتل ڪريو.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ