Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 17:10 - Muslim Sindhi Bible

10 عقلمند ماڻهوءَ تي هڪڙي ڇڙٻ بہ اهڙو اثر ٿي ڪري، جهڙو ڪنهن بي‌عقل تي سؤ چهبڪ بہ نہ ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 جنهن کي سمجهہ آهي تنهن تي ڇڙٻ اهڙو اونهو اثر ٿي ڪري جهڙو ڪنهن بي عقل کي سؤ چهبڪ نٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 17:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سچار ماڻهو ڀل مون کي جھڻڪن بلڪ کڻي مار بہ ڏين، اها آءٌ سندن مهرباني سمجھندس. پر بڇڙن سان واسطو رکڻ سان توڙي جو وڏو مان ملي، سو بہ مون کي قبول ناهي. اٽلندو انهن جي بڇڙاين خلاف آءٌ دعا گھرندو رهندس.


سمجھہ وارا ٻار تہ پنهنجي والدين جي تربيت تي عمل ٿا ڪن، مگر هٺيلا ڪنهن جي تنبيهہ تي بہ ڪو ڌيان نہ ٿا ڏين.


بي‌عقل ٻار پنهنجي والدين جي سيکت کي ڌڪارين ٿا، مگر جيڪي سندن تنبيهہ تي ڌيان ٿا ڏين سي عقلمند آهن.


بدڪار ماڻهو هميشہ فساد چاهيندا ٿا وتن، تنهنڪري کين سخت سزا ڏيڻ لاءِ بي‌رحم ماڻهو مٿن اچي ڪڙڪن ٿا.


جيڪي دوست جو قصور معاف ٿا ڪن، سي محبت وڌائين ٿا. پر جيڪي قصور جي شڪايت بار بار پيا ڪن، سي پنهنجي گھاٽي دوست کي بہ پاڻ کان جدا ڪيو ڇڏين.


ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻڻ سان اٻوجھہ ماڻهو هوشيار ٿي وڃي ٿو، پر سمجھہ وارو تنبيهہ ڪرڻ سان ئي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو.


بي‌عقل ماڻهوءَ کي توڙي جو اُکري مُهريءَ ۾ اناج سان گڏ ڪُٽي ڪڍجي، تڏهن بہ هو بي‌عقل جو بي‌عقل ئي رهندو.


رڳو ڳالهائڻ وسيلي اوهين پنهنجي نوڪرن کي ڪين سڌاري سگھندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا لفظ تہ ٻڌندا پر ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏيندا.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ