Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 16:9 - Muslim Sindhi Bible

9 انسان پنهنجي لاءِ هڪڙي راهہ سوچي ٿو، مگر سندس هر قدم خداوند جي وس ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ماڻهو جي دل سندس رستو رٿي ٿي: پر خداوند ان جي قدمن کي هلائي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 16:9
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يورام وٽ اچڻ جي وقت خدا جي طرفان اخزياہ جي بربادي لکجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن هو آيو تہ يورام سان گڏجي نمشيءَ جي پوٽي ييهوءَ سان جنگ ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، جنهن کي اڳ ۾ ئي خداوند اخي‌اب جي گھراڻي کي برباد ڪرڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو.


خداوند کي جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي واٽ پسند اچي ٿي، تڏهن هو انهيءَ ماڻهوءَ جي قدمن کي ان واٽ تي ئي قائم رکي ٿو.


انسان پنهنجيءَ دل ۾ ڪهڙا بہ منصوبا جوڙي ٿو، مگر سندس زبان مان اهو ئي ٿو نڪري، جيڪو خداوند چاهي ٿو.


بي‌ايمانيءَ سان جھجھي دولت گڏ ڪرڻ کان ايمانداريءَ سان ٿوري تي گذارو ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.


ماڻهو تہ پنهنجيءَ دل ۾ گھڻا ئي منصوبا ٿو جوڙي، مگر ٿئي اهو ٿو جيڪو خداوند چاهي ٿو.


انسان جو هر قدم خداوند جي اختيار ۾ آهي، تڏهن هن کي اها خبر نہ آهي تہ اڳتي هلي ڇا ٿيندو.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.


اهو آءٌ ئي آهيان جيڪو ڪنهن ڳالهہ جي شروعات ۾ ئي انهيءَ جي پڇاڙيءَ بابت آگاهہ ٿو ڪريان. جيڪي ڳالهيون اڃا ٿيون ئي ڪين آهن، تن بابت شروعات ۾ ئي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي. آءٌ چوان ٿو تہ منهنجا منصوبا ناڪام نہ ويندا، بلڪ جيڪو آءٌ چاهيندس سو ضرور ٿيندو.


اي خدواند! مون کي خبر آهي تہ انسان جو رستو سندس وس ۾ ناهي. اهو سندس اختيار ۾ ناهي تہ جيڏانهن وڻيس تيڏانهن پنهنجيون وکون کڻي.


”سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيامين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس. تون انهيءَ کي منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي مٿان اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪجانءِ. هو منهنجيءَ قوم کي فلستين جي هٿان ڇڏائيندو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجيءَ قوم تي آيل مصيبت ڏسندي سندن دانهن ٻڌي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ