Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 16:33 - Muslim Sindhi Bible

33 انسان پنهنجا فيصلا پاڻ ٿو رٿي، مگر ٿئي اهو ئي ٿو جيڪي خداوند ٿو چاهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ڪڻو جهوليءَ ۾ اُڇلايو ٿو وڃي؛ پر انهيءَ جو انتظام خدا وٽان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 16:33
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يروشلم ۾ بني اسرائيل قوم جا اڳواڻ رهندا هئا. بني اسرائيل جي باقي گھراڻن لاءِ بہ ڪڻا وڌا ويا تہ جيئن منجھائن ڏهن ڪٽنبن مان هڪڙو پاڪ شهر يروشلم ۾ اچي رهي، جڏهن تہ باقي نَوَ ڪٽنب پنهنجن ئي شهرن ۾ رهن.


وڏو زورآور ٿيڻ کان اهو بهتر آهي جو اوهين پنهنجي غصي کي ضابطي ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ شهرن تي قبضو ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ بهتر آهي.


ڪڻو وجھڻ سان جھڳڙن کي ٽاري سگھجي ٿو، ۽ طاقتورن جي وچ ۾ انهيءَ جي وسيلي فيصلو ٿئي ٿو.


گھڻا ماڻهو حاڪم جي مهربانيءَ جي طلب ۾ ٿا رهن، مگر انسان کي انصاف خداوند وٽان ئي ملي ٿو.


انهيءَ کان پوءِ تون جلاوطن ڪيلن کي سمجھاءِ تہ هاڻي جڏهن بابل جو بادشاهہ تلوار سميت انهيءَ نشان ڏيکاريل ٻہ واٽي تي اچي بيهندو، تڏهن هو ڦال وجھندو تہ ڪهڙي رستي سان وڃي. ان لاءِ هو پنهنجا تير لوڏيندو، پنهنجي بتن سان صلاح مشورو ڪندو ۽ قرباني ڪيل جانورن جي جيري کي آزمائيندو.


هارون انهن ٻنهي ٻڪرن لاءِ پُکا وجھي، هڪڙو پُکو ’خداوند جي لاءِ‘ ۽ ٻيو ’ڇڏي ڏيڻ جي لاءِ.‘


انهيءَ کان پوءِ ملاحن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ اسين ڪُڻا وجھي ڏسون تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي.“ تڏهن هنن ڪڻا وڌا ۽ ڪُڻي ۾ يونس جو نالو نڪتو.


پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.


تڏهن يشوع هنن لاءِ سيلا ۾ خداوند جي آڏو ڪُڻان وڌا ۽ اتي هن بني اسرائيل جي باقي بچيل قبيلن کي اهو ملڪ ورهائي ڏنو.


زمين ستن حصن ۾ ورهائي ويندي، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ جو قبيلو پنهنجي سرحد اندر ڏکڻ ۾ رهندو ۽ يوسف جا گھراڻا پنهنجي سرحد اندر اتر ۾ رهندا.


سو سڀاڻي صبح جو هو پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب اچي حاضر ٿين. جنهن قبيلي کي آءٌ خداوند ڪڍي ڌار ڪريان سو پنهنجي پنهنجي گھراڻي موجب اڳتي وڌي اچي. جنهن گھراڻي کي آءٌ خداوند ڪڍي ڌار ڪريان، سو پنهنجي پنهنجي ڪٽنب موجب اڳتي وڌي اچي ۽ جنهن ڪٽنب کي آءٌ خداوند ڪڍي ڌار ڪريان، سو هڪ هڪ ڄڻو ٿي اڳتي وڌي اچي.


بلڪ هاڻي اسين هيئن ڪنداسين جو جِبعت شهر تي حملو ڪرڻ لاءِ اسين ڪڻا وجھي ماڻهو چونڊي لشڪر تيار ڪنداسون.


پر هاڻ اوهان مون خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اوهان کي سڀني آفتن ۽ مصيبتن کان بچائيندو آهيان. اوهان مون کي چيو آهي تہ ’اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر.‘ تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن پنهنجن قبيلن ۽ گھراڻن موجب الڳ ٿي مون خداوند جي آڏو بيهو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ