28 دوکيباز ماڻهو ٻين ۾ جھيڙا جھڳڙا ٿا پيدا ڪن، ۽ چغلخور ماڻهو دوستن ۾ دشمنيون وجھيو ڇڏين.
28 بيهودو ماڻهو جهيڙو جهڳڙو پکيڙي ٿو: ۽ چغل خور خاص دوستن کي دشمن ڪري ڇڏي ٿو.
جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، مگر ٿڌي طبيعت وارو ماڻهو جھڳڙا ٽاريو ڇڏي.
بدڪار ماڻهو ٻين لاءِ کڏون ٿا کوٽين. هائو، سندن لفظ ڀڙڪندڙ باهہ مثل آهن.
ظالم ماڻهو پنهنجي دوستن کي بہ ڌتاريو ڇڏي، ۽ کين اهڙي راهہ ٿو وٺائي جو هو وڃي مصيبت ۾ ڦاسن.
دوست بيشڪ پنهنجي دوستي نڀائي ٿو، مگر ڀاءُڀيڻ تہ پيدا ئي مصيبت ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ آهن.
جيڪي دوست جو قصور معاف ٿا ڪن، سي محبت وڌائين ٿا. پر جيڪي قصور جي شڪايت بار بار پيا ڪن، سي پنهنجي گھاٽي دوست کي بہ پاڻ کان جدا ڪيو ڇڏين.
بيعقل جي ڳالهائڻ مان فتنو فساد ٿو ڦهلجي، ڄڻ تہ هو پنهنجو پاڻ مار گھري ٿو وٺي.
چغلخور جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون آهن، جن کي هر ڪو کائڻ ٿو چاهي.
جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، هائو، غصيلو انسان گناهن مٿان گناهہ ڪريو وجھي.
جيڪڏهن کير ولوڙيو ويندو تہ مکڻ حاصل ٿيندو، جيڪڏهن نڪ مروڙيو ويندو تہ انهيءَ مان رت نڪرندو. ساڳي نموني غصو ڀڙڪائڻ سان جھيڙو فساد ئي پيدا ٿيندو.
اهي سدائين ظلم ۽ بڇڙائيءَ جون ڳالهيون سوچيندا ٿا رهن ۽ هر هنڌ فتنو فساد برپا ٿا ڪن.
ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائيندڙ شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جھيڙو وجھندڙ ماڻهو.
سو هو هر طرح جي بڇڙائيءَ، بديءَ، لالچ، بدنيتيءَ، ريس، خونريزيءَ، جھيڙي، ٺڳيءَ ۽ ساڙ سان ڀرجي وڃن ٿا. هو چغلخور،
تنهن هوندي بہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏهن اتي اچان تہ متان جيئن آءٌ چاهيان ٿو تيئن اوهان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوهين نہ ٿا چاهيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آهي تہ متان اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا، حسد، ڪاوڙ، ڏڦيڙ، گھٽ وڌ ڳالهائڻ، گلائون، هٺ ۽ فساد هجن.
۽ چيائينس تہ ”توهين انهن ماڻهن جي ڳالهہ ڇو ٿا ٻڌو، جيڪي چون ٿا تہ ’دائود توهان کي نقصان پهچائڻ ٿو گھري‘؟