Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 16:27 - Muslim Sindhi Bible

27 بدڪار ماڻهو ٻين لاءِ کڏون ٿا کوٽين. هائو، سندن لفظ ڀڙڪندڙ باهہ مثل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 نالائق ماڻهو شرارت جون رٿون ڪري ٿو: ۽ هن جي چپن ۾ ساڙيندڙ باهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 16:27
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتفاق سان بنيامين قبيلي جو هڪڙو خبيث ماڻهو سبع ولد بڪري اتي جِلجال ۾ هو. انهيءَ نفيل وڄائي رڙ ڪري چيو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود ۾ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، نڪي وري هاڻ هن سان ڪو اسان جو واسطو آهي. تنهنڪري اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هلون.“


آءٌ انهن وحشي بگھڙن جي وچ ۾ اچي ڦاٿو آهيان، جيڪي بني آدم کي حرص کان ڳڙڪائي ٿا وڃن. هنن جا ڏند تير ۽ ڀالا آهن ۽ سندن زبان تکي تلوار آهي.


بک ئي انسان کان محنت مزدوري ڪرائي ٿي، هائو، بک انسان کي مجبور ڪريو وجھي.


دوکيباز ماڻهو ٻين ۾ جھيڙا جھڳڙا ٿا پيدا ڪن، ۽ چغلخور ماڻهو دوستن ۾ دشمنيون وجھيو ڇڏين.


اکيون هڻندڙ ماڻهو دوکيبازيءَ جون رٿون ٿو رٿي، هائو، اهڙو ماڻهو بدڪاريءَ جا منصوبا ٿو بڻائي.


بي‌ايمان شاهد انصاف کي خسيس ٿا سمجھن، ۽ بدڪار ماڻهو برائيءَ کي پسند ٿا ڪن.


اوهين ڏاهپ کي ائين ڳوليندا رهو، جيئن سون چانديءَ يا ڪنهن لڪل خزاني جي ڳولا ڪبي آهي.


خبيث ۽ بدڪار ماڻهو هر هنڌ ڪوڙ ڳالهائيندا ٿا وتن.


اهي سدائين ظلم ۽ بڇڙائيءَ جون ڳالهيون سوچيندا ٿا رهن ۽ هر هنڌ فتنو فساد برپا ٿا ڪن.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ڪوڙ ڳالهائي بدڪاري وڌائيندا ٿا وڃو. هائو، جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي قيمتي سامان کي مضبوط رسن سان ٻڌي هلي ٿو، تيئن ئي اوهين پنهنجي گناهن کي پنهنجو پاڻ سان ٻڌي ٿا هلو.


انهن مظلوم قومن اجايو پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي، هائو، انهن جو پورهيو باهہ ۾ ساڙي چٽ ڪيو ويو آهي. ڇا اهو سڀ ڪجھہ قادر‌مطلق خداوند طرفان مقرر ناهي؟


زبان بہ هڪ چڻنگ وانگر آهي. اها زبان اسان جي عضون منجھہ ائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي جيئن دنيا بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. اها ئي زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي سڄي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي. اها باهہ ان کي دوزخ جي باهہ مان ملي ٿي.


تنهنڪري هاڻي تون سوچ ۽ ويچار ڪر تہ تو کي ڇا ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي آقا ۽ سندس سڄي گھراڻي تي آفت نازل ٿيڻ واري آهي. باقي نابال تہ اهڙو خبيث ماڻهو آهي جو ڪوبہ ساڻس ڳالهائي ئي نہ ٿو سگھي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ