23 عقلمند انسان ڳالهائڻ کان اڳ سوچ ويچار ڪري ٿو، تڏهن ئي تہ سندس ڳالهيون ٻين تي اثر ڪن ٿيون.
23 ڏاهي جي دل سندس وات کي تعليم ڏئي ٿي، ۽ سندس چپن ۾ علميت زيادہ ڪري ٿي.
”ڇا تو جهڙي ڏاهي ماڻهوءَ کي اهو جڳائي ٿو تہ تون اجايون ڳالهيون جوڙي جواب ڏئين، ۽ پنهنجو پاڻ کي هوا سان ڦنڊائين؟
ابن ڏاڏن جون اهي حقيقتون تو کي هي سيکارينديون، هائو، سندن دانائي تو کي هيءَ ڄاڻ ڏيندي تہ
منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي. مون بادشاهہ بابت جيڪو گيت ٺاهيو آهي سو بيان ڪريان ٿو. منهنجي زبان ماهر ڪاتب جي قلم وانگر آهي.
سچار ماڻهو سوچي سمجھي ورندي ڏيندا آهن، مگر بدڪار ماڻهن جي بڪواس ۾ بڇڙائيءَ واريون ڳالهيون آهن.
عقلمند ماڻهو ڄاڻ ٿا ورهائين، مگر بيوقوفن جا خيال ڪنهن ڪم جا ناهن.
عقلمند انسان سمجھہ وارو سڏجي ٿو، مِٺَ زبانيءَ جي ڪري گھڻن ماڻهن ۾ ڄاڻ ورهائجي ٿي.
عقلمند انسان لاءِ عقل حياتي بخشيندڙ چشمو آهي، مگر بيعقل بيوقوفيءَ جي تربيت حاصل ڪري ٿو.
تہ جيئن مناسب هلت ڪرڻ بابت ڄاڻو ۽ اوهان جي ڳالهائڻ مان ظاهر ٿئي تہ اوهين ڄاڻ رکو ٿا.
مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.