11 تور ۽ ماپ ۾ ايمانداريءَ کي خداوند پسند ٿو ڪري، هائو، سچائيءَ سان واپار ڪرڻ ۾ هو خوش ٿو ٿئي.
11 پوري ساهمي ۽ پڙ خداوند جا آهن: ڳوٿريءَ جا سڀ تورا سندس ڪم آهن.
ماپ تور ۾ بيايمانيءَ کان خداوند کي نفرت آهي، مگر صحيح تور کي هو پسند ٿو فرمائي.
ماپ ۽ تور ۾ بيايماني ڪرڻ کان خداوند کي نفرت آهي.
ماپ ۽ تور ۾ بيايماني ڪرڻ کان خداوند کي نفرت آهي، هائو، کوٽي تارازي رکڻ بڇڙائي آهي.
سو جڏهن بني اسرائيل پنهنجي وطن ۾ موٽي ايندا، تڏهن حڪمران اهڙا قاعدا قانون جوڙين جن مطابق ايمانداريءَ سان ماپ ۽ تور ڪئي وڃي.
اسرائيل وارا هڪ اهڙي واپاريءَ جيان آهن، جنهن جي هٿ ۾ ٺڳيءَ واري تارازي هجي، هائو، اهي سدائين ڪنهن جو حق کسڻ کي پسند ٿا ڪن.
اوهين دل ۾ چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿا پاڪ ڏينهن پورا ٿين، تہ جيئن اسين اناج وڪڻون؟“ يا وري هيئن چئو ٿا تہ ”ڪڏهن ٿو سبت جو ڏينهن پورو ٿئي، تہ جيئن اسين ڪڻڪ ٻاهر ڪڍي ڪوڙن وٽن ۽ تارازين ذريعي ٺڳي ڪري وڌايل قيمتن تي وڪڻون؟“
ڇا اهڙين ٺڳيءَ وارين تارازين ۽ کوٽن وٽن جا ٿيلها رکڻ وارن کي آءٌ خداوند وساري ڇڏيان؟