10 بادشاهہ جي زبان تي خدائي فيصلو هوندو آهي، سو فتويٰ ٻڌائڻ ۾ هن کان ڪا خطا نہ ٿيندي.
10 بادشاهہ جي چپن ۾ خدائي فيصلو آهي: هن جو وات عدالت ۾ خطا نہ ڪندو.
تڏهن يوسف هنن کي چيو تہ ”اوهان هي ڪهڙو ڪم ڪيو؟ ڇا اوهان کي خبر ڪانهي تہ مون جهڙو ماڻهو فال ذريعي سڀ ڪجھہ معلوم ڪري ٿو سگھي؟“
هي اهو پيالو آهي، جنهن ۾ منهنجو مالڪ پيئندو آهي ۽ هو فال بہ انهيءَ سان ئي ڏسندو آهي. اوهان جيڪي ڪجھہ ڪيو آهي سو چڱو نہ ڪيو اٿوَ.‘“
تڏهن بادشاهہ منهنجي ڳالهہ ٻڌي پنهنجي ٻانهيءَ کي انهيءَ ماڻهوءَ جي هٿان ڇڏائي، جيڪو مون کي ۽ منهنجي پٽ کي خدا جي ڏنل ميراث مان بيدخل ڪرڻ ٿو گھري.
جڏهن سڄي بني اسرائيل بادشاهہ جو اهو فيصلو ٻڌو تڏهن هو سندس بيحد تعظيم ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي دانائي آهي.
پر طاقتور ٿيڻ کان پوءِ عُزياہ ڏاڍو مغرور ٿي ويو ۽ هن جو غرور ئي سندس زوال جو سبب بڻيو. هن خداوند پنهنجي خدا جي نافرماني ڪندي هيڪل ۾ اندر گھڙي لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ تي لوبان ساڙيو.
اسان جو طاقتور بادشاهہ انصاف کي پسند ڪري ٿو، ۽ سچائيءَ کي سدائين قائم رکي ٿو. هائو، هن بني اسرائيل ۾ عدل ۽ انصاف کي قائم ڪيو آهي.
عادل حڪمران پنهنجي ملڪ کي قائم ٿو رکي، مگر جيڪو عوام کان ڳرا ٽيڪس ٿو اُڳاڙي، سو ملڪ کي تباهہ ڪريو ڇڏي.
اسان جا اهي بادشاهہ اجايون ڳالهيون ڪندا هئا، عهد اقرار ڪرڻ وقت ڪوڙا قسم کڻندا هئا، ۽ سندن عدالتون غلط فيصلا ڏينديون هيون. اهي فيصلا اسان لاءِ ائين ٿيندا رهيا، جيئن زمين مان نڪرندڙ زهريلا ٻوٽا.“
ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي انصاف کي ٽوڙي مروڙي ٿا ڇڏيو، ۽ سچائيءَ کي پيرن هيٺان لتاڙي ٿا ڇڏيو.
اي اسرائيل وارؤ! ڀلا، ٽڪرن تي ڪو گھوڙا ڊوڙائي سگھي ٿو ڇا؟ يا ڪو ڍڳن سان سمنڊ تي هرُ ڪاهي سگھي ٿو ڇا؟ پر اوهان انصاف جهڙي مٺي شيءِ کي ڦيرائي زهر ڪري ڇڏيو آهي، بلڪ سچائيءَ جي ميوي کي ڦيرائي ٽُوهہ ڪري ڇڏيو اٿوَ.