6 سچار ماڻهوءَ جي سچائي کيس دولتمند بڻايو ڇڏي، مگر بدڪار ماڻهوءَ جي دولت کيس ڏکيائيءَ ۾ وجھيو ڇڏي.
6 سچي جي گهر ۾ گهڻو خزانو آهي: پر شرير جي پيدائش ۾ خرابي آهي.
سندن گھراڻن ۾ دولت ۽ خوشحالي هوندي. بيشڪ مٿن ابد تائين سندس سخاوت قائم رهندي.
سچار ماڻهن وٽ جيڪي ڪجھہ بہ ٿورو آهي، سو بڇڙن جي گھڻي دولت کان بهتر آهي.
گھڻي محنت سان دولتمند ٿي نہ ٿو سگھجي، خداوند جي برڪت ئي دولتمند بڻائي ٿي.
نيڪ ماڻهو پنهنجي پيڙهين لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو، مگر گنهگارن جي ميڙيل دولت سچارن جي حوالي ڪئي ٿي وڃي.
خدا جو خوف رکندي گھٽ دولتمند هجڻ، انهيءَ وڏي دولتمند هجڻ کان بهتر آهي، جنهن ۾ پريشانيون ئي پريشانيون هجن.
بيعقل ٻار پنهنجي والدين جي سيکت کي ڌڪارين ٿا، مگر جيڪي سندن تنبيهہ تي ڌيان ٿا ڏين سي عقلمند آهن.
عقلمند ماڻهو ڄاڻ ٿا ورهائين، مگر بيوقوفن جا خيال ڪنهن ڪم جا ناهن.
بيايمانيءَ سان جھجھي دولت گڏ ڪرڻ کان ايمانداريءَ سان ٿوري تي گذارو ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.
عقلمند ماڻهن جي گھرن ۾ دولت وڌندي رهي ٿي، مگر بيوقوف ماڻهو جلدي کپايو ڇڏين.
بدڪارن جي گھرن تي خداوند جي لعنت ٿي وسي، پر سچارن جي گھرن تي هو پنهنجيون برڪتون نازل ٿو ڪري.
انهيءَ لاءِ تہ جيڪي مون سان محبت ٿا رکن، تن کي چڱيءَ طرح مالا مال ڪري ڇڏيان، ۽ سندن خزانا ڀري ڇڏيان.“
شايد ائين هجي، پر هي بہ آهي تہ ”گھڻو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي سڄو وقت هڄائڻ کان بهتر آهي تہ اوترو ئي کڻي حاصل ڪجي، جنهن سان سڪون ملي.“ گھڻو هڄڻ بہ ائين ئي آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.
هن مسيح جي خاطر بيعزت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو. هن جي نظر ملڻ واري اجر تي هئي.