جڏهن مردڪئيءَ جي سئوٽ يعني سندس چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي هن ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو شهنشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن هن ڪجھہ بہ نہ گھريو سواءِ ان جي جيڪي شهنشاهہ جي حرم خاني جي نگران هيجا هن لاءِ تجويز ڪيو. جنهن بہ آستر کي ڏٺو ٿي، تنهن کي اُها وڻي ٿي ويئي.