Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:31 - Muslim Sindhi Bible

31 جيڪو زندگي سڌاريندڙ سيکت تي ڌيان ٿو ڏئي، سو عقلمندن ۾ شمار ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 جيڪو ڪن حياتيءَ جي فهمائش ٻڌي ٿو سو ڏاهن منجهہ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:31
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي تنبيهہ تي ڌيان ڏيو. ڏسو، آءٌ اوهان کي عقلمنديءَ سان مالا مال ڪري ڇڏينديس ۽ اوهان کي پنهنجيون ڳالهيون سمجھائينديس.


جيڪو نصيحت نہ ٿو مڃي، تنهن کي غربت ۽ خواري حاصل ٿيندي. مگر جيڪو تنبيهہ تي ڌيان ٿو ڏئي، سو عزت حاصل ڪندو.


ڏاهن سان گڏ رهڻ سان ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي، جڏهن تہ بي‌وقوفن جي صحبت جو برو نتيجو نڪري ٿو.


مرڪندڙ چهرو دل خوش ڪريو ڇڏي، ۽ خوشخبري چهري ۾ تازگي آڻيو ڇڏي.


تربيت کان منهن موڙڻ وارو پنهنجي جان جو دشمن آهي، مگر تنبيهہ تي ڌيان ڏيڻ وارو سمجھہ حاصل ڪري ٿو.


بي‌عقل ٻار پنهنجي والدين جي سيکت کي ڌڪارين ٿا، مگر جيڪي سندن تنبيهہ تي ڌيان ٿا ڏين سي عقلمند آهن.


سياڻا ماڻهو سمجھڻ جو چاهہ رکن ٿا. هائو، عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي طلب ۾ ٿا رهن.


صلاح مصلحت ۽ نصيحت تي ڌيان ڏيڻ سان، ماڻهو ڏاهو بڻجي وڃي ٿو.


نصيحت تي ڌيان ڏيڻ واري ماڻهوءَ لاءِ، ڏاهي ماڻهوءَ جي تنبيهہ نج سون جي زيورن کان وڌيڪ ملهہ واري آهي.


انسان لاءِ عقلمند جي ڇينڀ ٻڌڻ بي‌عقلن جي خوشامند واري راڳ ٻڌڻ کان وڌيڪ بهتر آهي.


اي منهنجي قوم وارؤ! هاڻي منهنجي ويجھو اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو. هائو، ٻڌو تہ جيئن اوهين جيئرا رهو. آءٌ اوهان سان اهو ئي دائمي شفقت وارو عهد ڪندس، جيڪو مون دائود سان ڪيو هو.


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ