29 خداوند بدڪارن کان منهن موڙيو ڇڏي، مگر هو سچارن جون دعائون ٻڌي ٿو.
29 خداوند شريرن کان پري آهي: پر هو سچن جي دعا ٻڌي ٿو.
جڏهن تہ سندن دانهون بلڪل فضول آهن، ڇاڪاڻ تہ قادرِمطلق هنن ڏانهن ڪو ڌيان ئي نہ ٿو ڏئي،
اي خداوند! تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ منهنجي مصيبت جي وقت تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟
توڙي جو اي خداوند! تون بلند وَ بالا آهين، تہ بہ نماڻن تي مهر جي نظر ڪرين ٿو. پر مغرور ماڻهن کي تون پري کان ئي سڃاڻي وٺين ٿو.
تڏهن هو مدد لاءِ رڙڻ لڳا پر ڪوبہ سندن ڀرجھلو نہ ٿيو، هنن تو خداوند کي بہ پڪاريو پر تو کين ڪو جواب ڪونہ ڏنو.
ڏس، تو کي جيڪي بہ ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ فنا ٿيندا. هائو، جيڪي بہ تو کان ڦري بيوفا ٿا ٿين، تن سڀني کي تون برباد ڪري ڇڏيندين.
تڏهن اوهين مدد لاءِ مون کي پڪاريندا، پر آءٌ اوهان کي ڪو جواب ئي ڪونہ ڏينديس. اوهين هر هنڌ مون کي ڳوليندا وتندا، پر لهي ڪين سگھندا،
مرڪندڙ چهرو دل خوش ڪريو ڇڏي، ۽ خوشخبري چهري ۾ تازگي آڻيو ڇڏي.
سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.
بلڪ اهي اوهان جا گناهہ ئي آهن، جن اوهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ جدائي وجھي ڇڏي آهي. اوهان جي بدڪارين جي ڪري ئي هن اوهان کان منهن موڙيو آهي، جو هو اوهان جي نہ ٿو ٻڌي.
عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو اهڙن ماڻهن کي هميشہ واري سزا ملندي، جڏهن تہ نيڪن کي دائمي زندگي.“
اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا گنهگارن جي نہ ٻڌندو آهي، پر جيڪڏهن ڪو خداپرست آهي ۽ سندس مرضيءَ تي هلي ٿو تہ خدا انهيءَ جي ٻڌي ٿو.
انهيءَ ڪري جو خداوند جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي دعا تي لڳل ٿا رهن. پر جيڪي بدي ڪن ٿا تن جو هو مخالف آهي.“