Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:28 - Muslim Sindhi Bible

28 سچار ماڻهو سوچي سمجھي ورندي ڏيندا آهن، مگر بدڪار ماڻهن جي بڪواس ۾ بڇڙائيءَ واريون ڳالهيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 سچي جي دل جواب ڏيڻ لاءِ ويچار ڪري ٿي: پر شرير جو وات خراب ڳالهيون وهايو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:28
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، اهي پنهنجي وات مان الٽيءَ جيان لفظ ٿا ڪڍن. هائو، انهن جي چپن منجھان تلوار جهڙا تکا لفظ ٿا نڪرن. هو ائين ٿا سمجھن تہ ”اسين جيڪي بہ ڪريون ٿا سو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.“


گھڻي ڳالهائڻ سان انسان غلط ڳالهايو وجھي، تنهنڪري زبان تي ضابطو رکڻ عقلمندي آهي.


سچار ماڻهو صحيح ڳالهہ ڪرڻ ڄاڻين ٿا، مگر بدڪار ماڻهوءَ کي صحيح ڳالهہ ڪرڻ جي ڄاڻ ئي ڪونهي.


عقلمند ماڻهو ڪوبہ ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچ ويچار ڪندا آهن، مگر بي‌وقوف ماڻهو پنهنجي جهالت جو اشتهار بڻجيو وڃن.


جيڪا نصيحت عقلمندن جي زبان مان ٿي نڪري، سا وڻندڙ آهي. مگر بي‌عقلن جي وات مان بي‌وقوفي وهيو نڪري.


عقلمند انسان ڳالهائڻ کان اڳ سوچ ويچار ڪري ٿو، تڏهن ئي تہ سندس ڳالهيون ٻين تي اثر ڪن ٿيون.


بي‌عقل ماڻهو کُليو کُلايو پنهنجي ڪاوڙ ظاهر ڪريو وجھن، مگر ڏاها ماڻهو صبر ڪندي ڪاوڙ کي پي ٿا وڃن.


بغير سوچڻ سمجھڻ جي ڳالهائڻ واري کان جاهل ۾ وڌيڪ اميد آهي.


خدا آڏو ڪوبہ اٻهرائيءَ وارو واعدو نہ ڪريو. هائو، پنهنجي زبان کي ضرور ضابطي ۾ رکو. خدا عرش عظيم کان اوهان کي ڌرتيءَ تي ڏسي ٿو، تنهنڪري احتياط سان ڳالهايو.


پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ رکو، تان‌تہ اها اوهان کي گنهگار قرار نہ ڏئي ۽ پوءِ اوهان کي ڪاهن جي آڏو ائين نہ چوڻو پوي تہ ”مون کان ڀل چوڪ ٿي ويئي آهي.“ سو ائين نہ ٿئي جو خدا اوهان جي چيل ڪنهن ڳالهہ تان ناراض ٿي اوهان جي محنت سان ڪيل هر ڪم کي برباد ڪري ڇڏي.


سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.


پر مسيح کي خداوند ڄاڻي پنهنجين دلين ۾ سندس احترام ڪريو. جيڪو ماڻهو اوهان کان انهيءَ اميد جو سبب پڇي، جيڪا اوهان کي مسيح ۾ آهي تہ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهو، پر نماڻائيءَ سان، خدا جو خوف رکڻ سان


ڇاڪاڻ تہ اهي لٻاڙون هڻندي نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري، شهوت‌پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جن گمراهيءَ واري زندگيءَ مان هاڻي آزادي حاصل ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ