Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:26 - Muslim Sindhi Bible

26 بدڪار ماڻهن جي خيالن کان خداوند کي نفرت آهي، مگر نيڪ ماڻهن جي چڱين ڳالهين کي هو پسند ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 خراب تجويزن کان خداوند کي ڪراهت اچي ٿي: پر وڻندڙ لفظ پاڪ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:26
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! اي منهنجا محافظ! ۽ اي مون کي ڇڏائڻ جو حق رکندڙ! شال منهنجيون ڳالهيون ۽ منهنجا خيال تو وٽ قبول پون!


منهنجي دل هڪڙي چڱي مضمون سان ٽمٽار آهي. مون بادشاهہ بابت جيڪو گيت ٺاهيو آهي سو بيان ڪريان ٿو. منهنجي زبان ماهر ڪاتب جي قلم وانگر آهي.


بڇڙائيءَ واري سوچ رکندڙن کان خداوند نفرت ٿو ڪري، مگر جيڪي نيڪيءَ جي رستي تي ٿا هلن، تن سان هو پيار ٿو ڪري.


چڱي ڳالهہ ٻڌائڻ سان خوشي ٿي ٿئي، بلڪ موزون وقت تي صحيح جواب ٻڌائڻ ۾ بہ مزو اچي ٿو.


جيڪي مغرور آهن، تن جا پڪا گھر بہ خداوند برباد ڪريو ڇڏي. مگر جيڪي رنون‌زالون آهن، تن جي ملڪيت جي هو حفاظت ٿو ڪري.


ناجائز نفعي جو لالچي پنهنجي گھر جي برباديءَ جو سبب ٿو بڻجي، مگر رشوت کان نفرت ڪرڻ وارو ڊگھي ڄمار ماڻي ٿو.


مهربانيءَ وارا لفظ ماکيءَ جهڙا ٿا ٿين. هائو، اهي ماکيءَ جهڙا مٺا ۽ تازگي بخشيندڙ آهن.


بي‌عقل ماڻهوءَ جي رٿن ۾ بہ گناهہ شامل رهي ٿو. ماڻهو اهڙي شخص کان نفرت ٿا ڪن، جيڪو ٻين تي ٺٺوليون ڪندو ٿو رهي.


اي يروشلم وارؤ! پنهنجين دلين کي بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪريو، تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي. ڪيستائين اوهين برا خيال پچائيندا رهندءُ؟


هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاهدي ۽ گلاخوري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ