Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:21 - Muslim Sindhi Bible

21 بي‌عقل ماڻهو پنهنجي بي‌وقوفيءَ تي خوش ٿا ٿين، مگر عقلمند ماڻهو اهو ئي ٿا ڪن جيڪو درست آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 جنهن ۾ ڏاهپ ڪانهي تنهن جي لاءِ بي عقلي خوشي آهي: پر سمجهہ وارو ماڻهو پنهنجي رفتار سنئين ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خدا انسان کي چيو تہ ”ياد رک، مون خداوند جو خوف رکڻ ئي ڏاهپ آهي، ۽ برائيءَ کان پري رهڻ ئي دانائي آهي.“


خداوند جي خوف رکڻ سان ئي دانائيءَ جي شروعات ٿئي ٿي. بيشڪ اهي سمجھو آهن جيڪي سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا. سندس واکاڻ هميشہ هميشہ تائين قائم رهندي.


بي‌عقل کي بدڪاريءَ مان مزو ٿو اچي، مگر سمجھہ وارو ڏاهپ مان لطف حاصل ٿو ڪري.


اهو ماڻهو بي‌عقل آهي، جيڪو ٻين بابت گھٽ وڌ ٿو ڳالهائي، مگر سمجھہ وارو ماڻهو ماٺ ۾ ٿو گذاري.


عقلمند ماڻهو خبرداريءَ کان ڪم وٺي ٿو، ۽ مشڪلاتن کان پاسو ٿو ڪري. مگر بي‌وقوف ماڻهو بي‌پرواهي ڪري ٿو، ۽ هر معاملي ۾ ٽنگ اڙايو ڇڏي.


عقلمند ماڻهو پنهنجي سمجھہ سان صحيح راهہ تي هلي ٿو، مگر بي‌عقل ماڻهو پنهنجي نادانيءَ سان پاڻ کي دوکو ٿو رسائي.


بي‌عقل ماڻهو گناهہ ڪرڻ کان روڪڻ تي کل ٺٺولي ٿا ڪن، مگر جيڪي سڌي راهہ تي ٿا هلن تن سان خدا راضي ٿو رهي.


صلاح مشوري کان سواءِ ڪوبہ منصوبو ڪاميابيءَ سان پورو ٿي نہ ٿو سگھي، مگر گھڻن جي صلاح سان ئي اهو ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿئي ٿو.


جيڏانهن اوهين وڃو ٿا اوڏانهن ئي سڌو اڳتي نهاريندا هلو ۽ پنهنجا اکين جا ڇپر کڻي هيڏانهن هوڏانهن نہ نهاريو.


جيڪي ڪجھہ ڪريو سو سوچي ويچاري ڪجو، تڏهن اوهان جا پير صحيح طرف ڏانهن هلندا رهندا.


تنهنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا زندگي گذاريو. نادانن وانگر نہ گذاريو، پر دانائن وانگر


اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجھُو ڪير آهي؟ انهيءَ کي گھرجي تہ هو پنهنجي چڱيءَ هلت چلت جي وسيلي اهڙي نماڻائيءَ سان اهو ثابت ڪري ڏيکاري، جيڪا ڏاهپ مان پيدا ٿئي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ