20 ڏاهن ٻارن مان والدين خوش ٿا رهن، مگر بيعقل پنهنجي والدين کي ڏک ٿا رسائين.
20 ڏاهو پٽ پيءُ کي خوش ڪري ٿو: پر بي عقل ماڻهو پنهنجي ماءُ کي ڌڪاري ٿو.
دعا گھري چيو تہ ’شل خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي جنهن اڄ مون کي منهنجي تخت تي منهنجو وارث ويهندي ڏيکاريو آهي.‘“
پر تون هن کي بيگناهہ نہ سمجھہ. تون سياڻو ماڻهو آهين. تو کي پاڻيهي معلوم ٿي ويندو تہ هن سان ڇا ڪرڻ گھرجي. تون هن جو اڇو مٿو رتو رت ڪري کيس قبر ۾ لاهجانءِ.“
جڏهن سليمان جو پيغام حيرام بادشاهہ ٻڌو تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين تہ ”اڄوڪي ڏينهن خداوند جي واکاڻ هجي، جنهن دائود کي هن وڏيءَ قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ هڪڙو داناءُ پٽ عطا ڪيو آهي.“
اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو.
هي سليمان جون چوڻيون آهن. داناءَ ٻار پنهنجي والدين جي خوشيءَ جو سبب ٿا بڻجن، مگر نادان ٻار سندن ڏک جو باعث بڻجن ٿا.
سمجھہ وارا ٻار تہ پنهنجي والدين جي تربيت تي عمل ٿا ڪن، مگر هٺيلا ڪنهن جي تنبيهہ تي بہ ڪو ڌيان نہ ٿا ڏين.
سُست ماڻهوءَ جو رستو ائين آهي، جيئن ڪنڊن وارو پيچرو هجي، مگر سچائيءَ وارن جي واٽ ائين آهي، جيئن سنئين سڌي شاهي سڙڪ هجي.
جن والدين مان اوهين ڄاوا آهيو، تن جي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو ۽ کين سندن ٻڍاپي ۾ نہ ڌڪاريو.
سچار ماڻهوءَ جي والدين کي حقيقي خوشي حاصل ٿئي ٿي، بلڪ اهي پنهنجي سمجھہ وارن ٻارن تي فخر ٿا ڪن.
جنهن کي ڏاهپ سان پيار آهي، تنهن جا والدين خوش ٿا ٿين، مگر جيڪو ڪسبياڻين سان صحبت ٿو رکي، سو پنهنجي والدين جو مال ملڪيت برباد ڪريو ڇڏي.
جيڪو شخص پنهنجي والدين تي ٺٺوليون ٿو ڪري ۽ سندن نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي لاش کي ڳِجھون پٽي کائينديون، هائو، ڪانوَ سندس اکين کي ٺونگا هڻي ڪڍي ڇڏيندا.
اوهان مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي تعظيم ڪندو رهي. اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ملهائيندا رهجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
جڏهن تہ تيمٿيس جي اعتماد جوڳو ثابت ٿيڻ جي اوهان کي ڄاڻ آهي جو هن مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ جي ائين خدمت ڪئي آهي جيئن ڪو پٽ پيءُ سان گڏجي ڪم ڪري.