17 ڪلفت وارن قوفتن کان، سڪ واري سبزي ڀلي.
17 جتي محبت آهي اتي ڀاڄين جو کاڌو بہ بهتر آهي: انهيءَ ٻوڙ پلاهہ کان جنهن سان نفرت شامل هجي.
بيايمانيءَ سان جھجھي دولت گڏ ڪرڻ کان ايمانداريءَ سان ٿوري تي گذارو ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.
دلي سڪون سان رُکو گرهہ کائڻ اهڙي دعوت کان بهتر آهي، جنهن ۾ عمدن طعامن سان گڏ جھيڙا جھڳڙا هجن.
جھڳڙيلو ۽ چيڙاڪ زال سان گڏ رهڻ کان رڻپٽ ۾ وڃي رهڻ بهتر آهي.
شايد ائين هجي، پر هي بہ آهي تہ ”گھڻو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي سڄو وقت هڄائڻ کان بهتر آهي تہ اوترو ئي کڻي حاصل ڪجي، جنهن سان سڪون ملي.“ گھڻو هڄڻ بہ ائين ئي آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.
تنهن تي هن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آهي، تن کي چون تہ ’مون ٿلها متارا ڍڳا ۽ وهڙا ذبح ڪرايا آهن ۽ ماني تيار آهي، بلڪ هر شيءِ تيار آهي. سو دعوت کائڻ لاءِ هليا اچو.‘
هڪڙو ٿلهو متارو وهڙو آڻي ڪهو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملهايون،
هاڻ جيڪڏهن اوهان کي مسيح ۾ هئڻ ڪري همت ملي ٿي، سندس محبت مان تسلي ٿئي ٿي، پاڪ روح سان صحبت رکو ٿا ۽ اوهان کي همدردي ۽ رحمدلي حاصل آهي،
ان کان علاوہ اسان پاڻ بہ ڄاڻي ورتو آهي ۽ اهو يقين بہ اٿئون تہ خدا جو اسان سان پيار آهي. بيشڪ خدا پيار آهي، تنهنڪري جيڪو پيار ۾ رهي ٿو سو خدا ۾ رهي ٿو ۽ خدا بہ انهيءَ ۾ رهي ٿو.