Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:14 - Muslim Sindhi Bible

14 سمجھہ واري ماڻهوءَ جي دل وڌيڪ ڄاڻ جي طلب ۾ رهي ٿي، مگر بي‌عقل ماڻهو بي‌وقوفيءَ جا ئي بکايل ٿا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 سمجهہ واري ماڻهوءَ جي دل علم جي طلب ۾ رهي ٿي: پر بي عقلن جو وات بي عقليءَ تي گذران ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:14
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون کي وڏي عمر وارن کان بہ وڌيڪ سمجھہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهان ٿو.


اي خداوند! تنهنجي شريعت مون کي ڪيڏي نہ پياري آهي! آءٌ سڄو ڏينهن انهيءَ تي غور ڪندو رهندو آهيان.


هنن نصيحتن مان ڏاها ماڻهو وڌيڪ ڏاهپ ۽ سمجھدار ماڻهو وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ٿا،


سمجھہ وارو ماڻهو پنهنجي ڄاڻ کي راز ۾ ٿو رکي، مگر بي‌وقوف ماڻهو پنهنجي بي‌عقليءَ جو ڍنڍورو ڏيندو ٿو وتي.


بيشڪ غريب ماڻهوءَ جي زندگي مشڪلاتن ۾ ٿي گذري، مگر خوش‌دل ماڻهو ان حال ۾ بہ زندگيءَ جو لطف پيا ماڻين.


سياڻا ماڻهو سمجھڻ جو چاهہ رکن ٿا. هائو، عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي طلب ۾ ٿا رهن.


اوهين ڏاهي ماڻهوءَ کي نصيحت ڪندا تہ هو اڃا بہ وڌيڪ ڏاهو ٿيندو. سچي ماڻهوءَ کي سيکاريندا تہ سندس ڄاڻ اڃا وڌيڪ ٿيندي.


اهي غيبدانن ۽ نبين کي پيغام ٻڌائڻ کان منع ڪندي چون ٿا تہ ’اوهين رويائن ڏانهن ڌيان ڏيندي اسان کي حق سچ جون ڳالهيون ٻڌائڻ بجاءِ، رڳو اسان جي پسند جون ڳالهيون ٻڌايو، توڙي اهي ڪوڙيون ئي ڇو نہ هجن.


سو بت‌پرستي ڪرڻ وارن کي رڳو رک ئي رک حاصل ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ انهن جا بي‌وقوف خيال کين گمراهہ ٿا ڪري ڇڏين. اهي بتن ٺاهڻ واري بي‌وقوفيءَ کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ هو مڃن ئي ڪونہ ٿا تہ اهي بت، جن کي هو پنهنجن هٿن ۾ کنيو وتن، سي حقيقي معبود نہ آهن.


اسرائيل وارا چرين جيان هوا کي جھلڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. هائو، اهي جھولي جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن. اهي هڪٻئي سان ڪوڙن مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ ظلم ڪندا ٿا رهن. اهي اشور وارن سان عهد اقرار ڪن ٿا، ۽ مصر وارن سان ڏيتي ليتي ٿا ڪن.


اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت خدا جو پيغام وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پاڪ ڪلام پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي.


ان جي بدران اوهين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي عظمت جي واکاڻ هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ