Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:13 - Muslim Sindhi Bible

13 دل جي خوشي چهري کي رونق بخشيو ڇڏي، مگر دل جي غمگيني انسان جو حليو ئي بگاڙيو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 دل جي خوشي شڪل کي خوش ڪري ٿي: پر دل جي ڏک کان روح شڪستو ٿي پوي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ مون کان پڇيو تہ ”تنهنجو منهن ايترو لٿل ڇو آهي، جڏهن تہ تون بيمار بہ نہ آهين؟ اهو دل جي ڏک کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ آهي.“ تڏهن آءٌ ڊڄي ويس.


ڳڻتيءَ جهڙي ڪا بيماري ڪانهي، خوشيءَ جهڙي ڪا خوراڪ ڪانهي.


دل جو سڪون بدن کي تندرستي ٿو بخشي، مگر حسد وَ ساڙ انسان جون هڏيون بہ ڳاريو ڇڏي.


بيشڪ غريب ماڻهوءَ جي زندگي مشڪلاتن ۾ ٿي گذري، مگر خوش‌دل ماڻهو ان حال ۾ بہ زندگيءَ جو لطف پيا ماڻين.


خوشيءَ جهڙي ڪا دوا ناهي، ۽ نااميديءَ جهڙي ڪا بيماري ناهي.


عزم وَ همت انسان کي بيماريءَ ۾ بہ سهارو ڏئي ٿي، مگر مايوسي انسان کان آخري اميد بہ کسيو وٺي.


پوءِ عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. خدا تي ڀروسو رکو ۽ مون تي بہ ڀروسو رکو.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ خدا کان مليل پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان زندگي گذاري آهي. اهڙو ورتاءُ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين دنياوي ڏاهپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آهي.


اٽلندو هاڻي اوهان کي گھرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيو، متان اهو ماڻهو گھڻي غم وچان برباد نہ ٿي وڃي.


حقيقت ۾ اهڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آهي، سو توبهہ پيدا ٿو ڪري جنهن جو نتيجو ڇوٽڪارو آهي. انهيءَ توبهہ تي ڪنهن کي پڇتائڻو نہ ٿو پوي. انهيءَ جي ابتڙ دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ