Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:12 - Muslim Sindhi Bible

12 هٺيلو ماڻهو تنبيهہ کي پسند نہ ٿو ڪري، تنهنڪري هو عقلمندن جي مجلس ۾ هرگز نہ ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ٺٺولي ڪندڙ پسند نٿو ڪري تہ ڪو کيس عتاب ڏئي: هو ڏاهي وٽ ويندو ئي ڪين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اخي‌اب يهوسفط کي وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو آهي، جنهن جي معرفت اسين خداوند کان پڇا ڪري سگھون ٿا. پر آءٌ ساڻس نفرت ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حق ۾ ڪڏهن بہ ڪا چڱي پيشن‌گوئي نہ ٿو ڪري، بلڪ هميشہ منهنجي خلاف ٿو ڪري. انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو ميڪاياہ ولد اِملہ آهي.“ يهوسفط اخي‌اب کي وراڻيو تہ ”اوهان کي ائين نہ چوڻ گھرجي.“


تنهن هوندي بہ اهي بدڪار خدا کي هيئن ٿا چون تہ ’اسان کي ڇڏي ڏي، ڇو تہ اسين تنهنجي واٽن جا طالبو ناهيون.‘


”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بي‌وقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟


سمجھہ وارا ٻار تہ پنهنجي والدين جي تربيت تي عمل ٿا ڪن، مگر هٺيلا ڪنهن جي تنبيهہ تي بہ ڪو ڌيان نہ ٿا ڏين.


ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو، ڪڏهن بہ ڏاهپ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي. مگر جنهن ماڻهوءَ کي سمجھہ آهي، سو آسانيءَ سان ڏاهپ حاصل ڪري سگھي ٿو.


جيڪو سڌي رستي کان ڦري ٿو وڃي، تنهن لاءِ سخت سزا آهي، ۽ جيڪو تنبيهہ کي ڌڪاري ٿو سو ضرور مرندو.


سو خبردار اي اوهين! جيڪي عدالت ۾ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريندڙن، توڙي سچ ڳالهائيندڙن کان نفرت ڪري کين ڌڪاريو ٿا.


دنيا اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اها مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن.


ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا تعليم ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ