Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 15:1 - Muslim Sindhi Bible

1 نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي، مگر کهري زبان ڪاوڙ وڌايو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي: پر ڏکوئيندڙ ڳالهہ ڪاوڙ پيدا ڪري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 15:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بني يهوداہ جي ماڻهن کي ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن ورندي ڏيئي چيو تہ ”اسان جا ڏهہ قبيلا هئڻ ڪري دائود بادشاهہ تي اوهان کان وڌيڪ اسان جو حق آهي، تڏهن اوهان ڇو اسان کي حقير سمجھيو، جو اسان جي بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ اوهان پهريائين اسان کان صلاح نہ ورتي؟“ پر بني يهوداہ جي ماڻهن ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن کي وڌيڪ سختيءَ سان جواب ٿي ڏنا.


هنن چيس تہ ”جيڪڏهن توهين اڄ هنن ماڻهن سان نرمي ڪندا، ساڻن بهتر هلت هلندا ۽ کين سٺي موٽ ڏيندا تہ هو هميشہ توهان جا خادم ٿي رهندا.“


هنن کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تون هنن ماڻهن سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪندين، کين خوش رکندين ۽ کين وڻندڙ ورندي ڏيندين تہ پوءِ هو هميشہ لاءِ تنهنجا خادم ٿي رهندا.“


نفرت جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿي ڪري، مگر محبت سڀني خطائن کي ڍڪي ٿي ڇڏي.


جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، مگر ٿڌي طبيعت وارو ماڻهو جھڳڙا ٽاريو ڇڏي.


جيڪي تحمل ۽ نرم زبانيءَ سان ٿا ڳالهائين، سي هر مخالفت کي ڦيرائي سگھن ٿا، بلڪ حاڪم کي بہ مطمئن ڪري سگھن ٿا.


لالچي ماڻهو جھڳڙو کڙو ڪريو ڇڏي، مگر جيڪو خداوند تي توڪل ٿو رکي سو خوشحال ٿو گذاري.


جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، هائو، غصيلو انسان گناهن مٿان گناهہ ڪريو وجھي.


ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندڙ سڄي شهر ۾ فتنا فساد ڪرايو وجھن. مگر ڏاهپ سان فتنن فسادن تي ضابطو آڻي ٿو سگھجي.


ائين چئي هن ماڻهن کي روانو ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ