9 بيعقل ماڻهو گناهہ ڪرڻ کان روڪڻ تي کل ٺٺولي ٿا ڪن، مگر جيڪي سڌي راهہ تي ٿا هلن تن سان خدا راضي ٿو رهي.
9 بي عقل گناهہ تي ٺٺولي ڪن ٿا: پر سچن ۾ چڱي نيت آهي.
تہ پوءِ ڀلا ڪراهت جهڙن، ۽ خراب انسانن جو ڪهڙو ذڪر ڪجي، جيڪي گناهہ کي پاڻيءَ وانگر پي وڃن ٿا.“
”اي نادانؤ! ڪيستائين اوهين پاڻ کي بيوقوف بڻائيندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين مون ڏاهپ تي کل ٺٺوليون ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اوهين جهالت وچان سمجھہ کي ڌڪاريندا رهندا؟
بيعقل کي بدڪاريءَ مان مزو ٿو اچي، مگر سمجھہ وارو ڏاهپ مان لطف حاصل ٿو ڪري.
بڇڙائيءَ واري سوچ رکندڙن کان خداوند نفرت ٿو ڪري، مگر جيڪي نيڪيءَ جي رستي تي ٿا هلن، تن سان هو پيار ٿو ڪري.
نيڪ ماڻهن تي خداوند جي رضامندي آهي، مگر برا منصوبا بڻائڻ وارن کي هو ڏوهاري ٿو قرار ڏئي.
گھڻي سمجھہ انسان کي ٻين ۾ عزت وارو ٿي بڻائي، مگر دغابازن واري راهہ ۾ تباهي وَ بربادي آهي.
جيڪي ٻين کي حقير سمجھن ٿا تن کي خدا حقير ٿو بڻائي، پر نهٺن ماڻهن تي هو فضل ٿو ڪري.
ائين ڪرڻ سان ئي اوهين خدا ۽ ماڻهن جي نظر ۾ مقبوليت ۽ نيڪ نامي حاصل ڪندا.
زناڪار عورت جو طريقو ڪهڙو نہ عجيب آهي. هوءَ زناڪاري تہ ڪري ٿي، پر پوءِ وهنجي سهنجي چوي ٿي تہ ”مون تہ ڪا بڇڙائي ڪئي ئي ڪونهي.“
انهيءَ سبب جو جيڪو مون کي ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجي حياتي ٿو حاصل ڪري. بيشڪ اهو ئي خداوند جو فضل حاصل ڪندو.
پر جيڪڏهن هن کي گھيٽيءَ يا ٻڪريءَ ڏيڻ جي طاقت نہ هجي تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ.
”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بيدينيءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“