17 جذباتي ماڻهو بيوقوفي ڪريو وجھي، ۽ سازش ڪندڙن کان ماڻهو نفرت ٿا ڪن.
17 جيڪو جلد ڪاوڙجي ٿو سو بي عقليءَ جي هلت ڪري ٿو: ۽ خراب رٿن ڪرڻ وارو ماڻهو ڌڪارڻ ۾ اچي ٿو.
نہ تہ دمشق جون نديون ابانہ ۽ فرفر اسرائيل جي سڀني ندين کان بهتر نہ آهن ڇا؟ آءٌ انهن ۾ غسل ڪري پاڪ نہ ٿو ٿي سگھان ڇا؟“ سو هو ڪاوڙ ۾ اتان موٽيو.
مردڪئيءَ جي يهودي هجڻ جو ٻڌڻ کان پوءِ هن رڳو مردڪئيءَ کي مارائڻ هڪ معمولي ڳالهہ سمجھيو، ڇاڪاڻ تہ هامان سوچيو پئي تہ فارس جي سڄيءَ شهنشاهت ۾ مردڪئيءَ سان گڏ سندس سڄي يهودي قوم کي بہ مارائي ڇڏجي.
بيوقوف ماڻهوءَ جو غصو هڪدم ظاهر ٿيو پوي، مگر سياڻو ماڻهو پنهنجي غصي تي ضابطو رکي ٿو.
نيڪ ماڻهن تي خداوند جي رضامندي آهي، مگر برا منصوبا بڻائڻ وارن کي هو ڏوهاري ٿو قرار ڏئي.
عقلمند ماڻهو خبرداريءَ کان ڪم وٺي ٿو، ۽ مشڪلاتن کان پاسو ٿو ڪري. مگر بيوقوف ماڻهو بيپرواهي ڪري ٿو، ۽ هر معاملي ۾ ٽنگ اڙايو ڇڏي.
نادانيءَ جو نتيجو بيعقلي آهي، مگر دانائي سمجھہ جو تاج ٿي پهرائي.
جذباتي انسان پنهنجي بيوقوفي ظاهر ڪيو ڇڏي، مگر صبر وارو انسان نهايت عقلمند ٿئي ٿو.
جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، مگر ٿڌي طبيعت وارو ماڻهو جھڳڙا ٽاريو ڇڏي.
وڏو زورآور ٿيڻ کان اهو بهتر آهي جو اوهين پنهنجي غصي کي ضابطي ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ شهرن تي قبضو ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ بهتر آهي.
جيڪي جھيڙي کان پري ٿا رهن، سي ئي شريف ماڻهو سمجھيا ٿا وڃن. رڳو بيوقوف ماڻهو ئي جھڳڙو ڪرڻ جا عادي آهن.
جيڪي غصيلا آهن تن سان دوستي نہ رکو، بلڪ انهن سان گڏ بہ نہ گھمو.
جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، هائو، غصيلو انسان گناهن مٿان گناهہ ڪريو وجھي.
بڇڙائيءَ واريون رٿون رٿيندڙ دل، بدڪاري ڪرڻ واسطي تکا ڊوڙندڙ پير،
پنهنجيءَ ڪاوڙ تي ضابطو رکو، ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ رڳو بيعقلن جي دلين ۾ رهي ٿي.
جڏهن تہ دوکيباز ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين، تانتہ حق جون ڳالهيون ڪندڙ مسڪينن ۽ محتاجن کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان برباد ڪري ڇڏين.
اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي،