Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 14:15 - Muslim Sindhi Bible

15 نادان ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساہ ٿو ڪري، مگر سياڻو ماڻهو سوچي سمجھي قدم ٿو کڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ڀورڙو ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساهہ ڪري ٿو: پر سياڻو ماڻهو پنهنجي هلڻ ڏي چڱيءَ طرح نهاري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 14:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود انهيءَ خبر ڏيندڙ جوان کان وري پڇيو تہ ”تو ڪيئن ڄاتو تہ سائول ۽ سندس پٽ يونتن مارجي ويا آهن؟“


بت‌سبع کيس چيو تہ ”چڱو، آءٌ تنهنجي لاءِ بادشاهہ سان ڳالهائينديس.“


هنن چار دفعا مون ڏانهن ساڳيو ئي پيغام موڪليو ۽ مون بہ هر دفعي کين ساڳيو ئي جواب ڏنو.


انسان جيڪي پوکيندو سو ئي لڻندو، پوءِ نيڪي پوکي چاهي بڇڙائي.


عقلمند ماڻهو خبرداريءَ کان ڪم وٺي ٿو، ۽ مشڪلاتن کان پاسو ٿو ڪري. مگر بي‌وقوف ماڻهو بي‌پرواهي ڪري ٿو، ۽ هر معاملي ۾ ٽنگ اڙايو ڇڏي.


عقلمند ماڻهو پنهنجي سمجھہ سان صحيح راهہ تي هلي ٿو، مگر بي‌عقل ماڻهو پنهنجي نادانيءَ سان پاڻ کي دوکو ٿو رسائي.


بدڪار ماڻهو بڇڙائيءَ جي ڳالهين تي ڌيان ٿو ڏئي، ۽ ڪوڙو ماڻهو بدنيتيءَ جي ڳالهين تي توجھہ ٿو ڏئي.


سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بي‌سمجھہ ماڻهو سڌو اوڏانهن وڌيو وڃي، ۽ پوءِ مصيبت ۾ ڦاسيو پوي.


سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بي‌سمجھہ ماڻهو سڌا اوڏانهن وڌيو وڃن، ۽ پوءِ مصيبت ۾ وڃيو ڦاسن.


جيڪي ڪجھہ ڪريو سو سوچي ويچاري ڪجو، تڏهن اوهان جا پير صحيح طرف ڏانهن هلندا رهندا.


تنهنڪري جيڪو سياڻو آهي سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاري ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو خراب وقت آهي.


هو ٻيٽ جي رومي گورنر سرگيس پولس، جيڪو هڪڙو ذهين شخص هو تنهن جو درٻاري هو. انهيءَ گورنر برنباس ۽ سائول کي پاڻ وٽ گھرايو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي انهيءَ پيغام کي ٻڌڻ لاءِ سندس دل پئي چاهيو.


تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن گمراهہ ڪندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي تعليم جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون.


انهيءَ ڪري نادان نہ ٿيو، پر سمجھو تہ خداوند عيسيٰ جي مرضي ڪهڙي آهي.


اي عزيزؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو خدا جي پاڪ روح طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن يقين نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن خدا جو روح آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ