Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 14:13 - Muslim Sindhi Bible

13 ڪڏهن تہ دل غمگين هئڻ باوجود کلڻو ٿو پوي، پر کلڻ کان پوءِ وري غم ياد ٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 کلڻ مهل بہ دل غمگين ٿي رهي؛ ۽ خوشيءَ جي پڇاڙي غم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 14:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جو انجام زهر جهڙو ڪؤڙو ۽ ٻِہ‌منهين تلوار جهڙو تکو آهي.


اي نوجوانؤ! جيستائين اوهين جوان آهيو، تيستائين جائز خوشيون ملهايو ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيو. اوهان جي دل جيڪي چاهي سو ڪريو. ڀلي تہ اوهين زندگيءَ جو جائز لطف حاصل ڪريو. پر اهو ڄاڻي ڇڏيو تہ اوهان جي سڀني خيالن ۽ ڪمن جو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ خدا اوهان کي پنهنجي عدالت ۾ ضرور سڏائيندو.


پوءِ مون پنهنجيءَ دل ۾ فيصلو ڪيو تہ ”ڇو نہ آءٌ هن زندگيءَ جو مزو ماڻيان ۽ خوشيون ملهايان. پوءِ ڏسان تہ انهيءَ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي!“ پر مون ڏٺو تہ ائين ڪرڻ سان زندگيءَ جي راز کي سمجھي نہ ٿو سگھجي.


مون پنهنجيءَ دل ۾ ويچار ڪيو تہ آءٌ پنهنجي جسم کي مئي پيئڻ وسيلي خوش رکان. مون ايتري مئي پيتي جو بي‌هوش ٿي ويس. مون اهو انهيءَ ڪري ڪيو، تہ جيئن ڏاهپ جي وسيلي آءٌ جاچ ڪري ڏسان تہ هن ڌرتيءَ تي بني آدم جي ٿورڙي حياتيءَ دوران اهو ڪم ڪرڻ فائدي وارو آهي يا نہ. پر مون سهي ڪري ورتو تہ کلڻ ۽ خوشي ملهائڻ وسيلي زندگيءَ جي راز کي سمجھڻ چريائپ آهي.


پر ابراهيم چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين.


افسوس ڪريو، ماتم ڪريو ۽ روئو. اوهين پنهنجو کِلڻ روئڻ پٽڻ ۾ بدلايو ۽ خوشي اداسيءَ ۾.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ