Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 14:12 - Muslim Sindhi Bible

12 ڪي راهون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ تہ سنئيون سڌيون نظر اينديون آهن، مگر انهن جي پڇاڙي موت هوندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 هڪڙو رستو آهي جو ماڻهوءَ کي سنئون ٿو ڏسجي، پر اُن جي پڇاڙيءَ ۾ موت جا رستا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 14:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يربعام پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ”هاڻي بادشاهي گھڻو ڪري وري دائود جي گھراڻي ڏانهن موٽي ويندي.


انهيءَ ڪري بادشاهہ صلاح مصلحت کان پوءِ سون جا ٻہ گابا ٺهرايا. پوءِ ماڻهن کي چيائين تہ ”اي اسرائيل وارؤ! يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گھڻي تڪليف ٿئي ٿي. سو اِجھو، هي آهن اوهان جا معبود جن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو هو.“


بي‌وقوف ماڻهو هميشہ اهو ئي ٿا سمجھن تہ هو پاڻ صحيح راهہ تي ٿا هلن. مگر ڏاها ماڻهو صلاح مصلحت تي ڌيان ڏين ٿا.


ڪي راهون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ تہ سنئيون سڌيون نظر اينديون آهن، مگر انهن جي پڇاڙي موت هوندو آهي.


ڪي ماڻهو اهڙا بہ آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ کي پاڪ دامن ٿا سمجھن، جڏهن تہ اهي گناهن ۾ غرق آهن.


”سوڙهي دروازي مان اندر گھڙڻ لاءِ دل وَ جان سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪيترائي اندر گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا پر گھڙي نہ سگھندا.


پوءِ جن ڪمن تي اوهين هن مهل شرمسار آهيو، تن کي ڪرڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ انهن ڪمن جو نتيجو تہ موت آهي.


ياد رکو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪجھہ نہ هوندي بہ، پنهنجو پاڻ کي ڪجھہ سمجھي ٿو تہ هو پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.


خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


اوهين پيغام جا رڳو ٻڌندڙ نہ ٿيو، بلڪ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيغام کي رڳو ٻڌي ٿو پر ان تي عمل نہ ٿو ڪري، تہ اهو پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي. هو انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پنهنجي شڪل آئيني ۾ رڳو ڏسي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ