Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 14:11 - Muslim Sindhi Bible

11 بدڪارن جون پڪيون جايون برباد ٿي وينديون، جڏهن تہ سچارن جون جھڳيون بہ قائم وَ دائم رهنديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 شرير جو گهر ڪري پوندو: پر سچي جو تنبو آباد رهندو ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 14:11
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ اهي خدا کي رد ڪندڙ آهن، جيڪي بي‌اولاد ئي رهندا، انهن رشوت‌خورن جي گھرن کي باهہ ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.


بيشڪ بدڪارن جي سزا اها ئي آهي، هائو، جيڪي خدا جا انڪاري آهن، تن جو اهو ئي مقدر آهي.“


جڏهن اوهين چئو ٿا تہ ’ڪيڏانهن ويو شرير جو گھر؟ ۽ ڪٿي آهي اهو معتبر ماڻهو؟‘


جيڪڏهن هو ڄاري کي ٽيڪ ڏيندا تہ ڇا اهو کين ڪِرڻ کان بچائيندو؟ جيڪڏهن هو ڄاري کي چنبڙندا تہ ڇا اهو کين جھلي بيهندو؟


هائو، جيڪي تو کي ڌڪارين ٿا، سي بيحد شرمسار ٿيندا. خدا بدڪارن جي گھرن کي برباد ڪري ڇڏيندو.“


تڏهن جي تون پاڪ ۽ سچو هوندين، تہ پوءِ يقيناً هو تنهنجي مدد لاءِ اٿندو. هو تنهنجي سچائيءَ جي انعام طور تنهنجي گھراڻي کي وري بحال ڪندو.


تنهنجي زال تنهنجي گھر اندر انگورن جي ڦلدار ول وانگر ٿيندي، هائو، تنهنجو اولاد تنهنجي دسترخوان جي چوگرد زيتون جي وڻ جي چوگرد ڦٽي نڪتل جھجھن سلن وانگر هوندو.


هائو، ٿوري عرصي ۾ ئي اهي اهڙا نابود ٿي ويندا، جو ڳوليا نہ لڀندا.


جيڪي پنهنجي دولت تي ڀروسو ٿا رکن، سي خزان ۾ ڇڻندڙ پنن جيان ڪومائجي ڪرندا. مگر سچار ماڻهو بهار جي پنن جيان سرسبز وَ شاداب رهندا.


بدڪارن جي جڏهن پڇاڙي ٿئي ٿي، تڏهن هو هميشہ لاءِ نيست وَ نابود ٿيو وڃن. مگر سچار ماڻهن جا گھراڻا هميشہ قائم رهندا ٿا اچن.


جيڪي مغرور آهن، تن جا پڪا گھر بہ خداوند برباد ڪريو ڇڏي. مگر جيڪي رنون‌زالون آهن، تن جي ملڪيت جي هو حفاظت ٿو ڪري.


سچو خدا ڄاڻي ٿو تہ بدڪارن جي گھرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. سو هو کين ڪيرائي چٽ ڪري ڇڏيندو.


عقلمند ماڻهن جي گھرن ۾ دولت وڌندي رهي ٿي، مگر بي‌وقوف ماڻهو جلدي کپايو ڇڏين.


بدڪارن جي گھرن تي خداوند جي لعنت ٿي وسي، پر سچارن جي گھرن تي هو پنهنجيون برڪتون نازل ٿو ڪري.


قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’آءٌ اهو ويڙهوٽو انهيءَ لاءِ ٿو موڪليان تہ اها لعنت چور توڙي منهنجي نالي تي ڪوڙو قسم کڻندڙ جي گھرن ۾ گھڙي. اها انهن جي گھرن ۾ رهندي ۽ سندن گھرن کي اهڙيءَ طرح تہ ناس ڪري ڇڏيندي جو انهن ۾ ڪاٺيون توڙي پٿر بہ سلامت نہ رهندا.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ