Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:4 - Muslim Sindhi Bible

4 سُست ماڻهو خواهش تہ ڪري ٿو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿو ٿئيس، جڏهن تہ محنت ماڻهوءَ کي خوشحال ڪريو ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 سست ماڻهو خواهش ڪري ٿو، ۽ حاصل ڪجهہ بہ نٿو ٿئيس: پر محنتي ماڻهوءَ جي جان ٿلهي ٿي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:4
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي اسحاق جي نوڪرن اچي کيس ٻڌايو تہ ”جيڪو کوهہ اسان کوٽيو هو تنهن مان پاڻي نڪتو آهي.“


اهي وڏيءَ عمر ۾ بہ ميوا پيا ڏيندا رهندا، هائو، اهي سدائين تازا ۽ سرسبز رهندا.


سُستي انسان کي غربت ڏانهن وٺيو وڃي، مگر محنت انسان کي دولتمند بڻايو ڇڏي.


بيشڪ جيڪو ٻين کي سخاوت سان ٿو ڏئي، سو خوشحال رهندو، ۽ جيڪو ٻين جي مدد ٿو ڪري، تنهن جي مدد ڪئي ويندي.


پنهنجي ٻنيءَ ۾ محنت ڪندڙ هاريءَ کي جھجھو رزق ملي ٿو، مگر بيڪار ڪمن پٺيان پنهنجو وقت وڃائڻ بي‌وقوفي آهي.


محنت ڪرڻ وارا حاڪم بڻجي سگھن ٿا، مگر سُست ماڻهو غلاميءَ ۾ پيا لوڙين ٿا.


سُست شڪاري پنهنجو شڪار بہ نہ ٿو پڪڙي سگھي، مگر محنتي ماڻهو گھڻو ڪجھہ حاصل ڪري سگھي ٿو.


جيڪو پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ ٿو رکي، سو پنهنجي جان جي حفاظت ٿو ڪري. مگر جيڪو زبان کي قابوءَ ۾ رکي نہ ٿو سگھي، سو پنهنجو پاڻ کي برباد ڪريو ڇڏي.


سچار ماڻهو ڪوڙ کان نفرت ٿو ڪري، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي ڳالهين جي ڪري نفرت جوڳو ۽ خوار خراب ٿو ٿئي.


سُست هاري جيڪو مند تي ٻنيءَ ۾ هر نہ ٿو ڪاهي، سو فصل لهڻ وقت ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي.


سُست ماڻهوءَ جي خواهش هوندي آهي، تہ هو محنت نہ ڪري ۽ اهڙي خواهش کيس ماريو ڇڏي.


رٿابنديءَ سان محنت ڪندڙ جھجھي پيداوار حاصل ڪري ٿو سگھي، مگر جلدبازي ڪندڙ آخرڪار محتاج بڻجيو وڃي.


هڪ دفعي آءٌ ڪنهن سُست ۽ بي‌وقوف ماڻهوءَ جي ٻنيءَ وٽان لنگھيس جتي انگورن جو باغ پوکيل هو.


ڇا ڏسان تہ اتي هر طرف ڪانڊيرا ئي ڪانڊيرا آهن، ۽ ڊڀن ٻنيءَ کي ڍڪي ڇڏيو آهي. ٻنيءَ جي چوڌاري جيڪا پٿرن جي ڀت هئي، سا بہ ڪري پيئي آهي.


سُست ماڻهو ڪم کان نٽائيندي چون ٿا تہ ”ٻاهر گھٽين ۾ تہ شينهن ويٺو آهي.“


لالچي ماڻهو جھڳڙو کڙو ڪريو ڇڏي، مگر جيڪو خداوند تي توڪل ٿو رکي سو خوشحال ٿو گذاري.


اوهان مان جيڪي سُست ۽ ڪاهل آهن سي ڪِولين کي جاچي ڏسن ۽ انهن جي زندگي گھارڻ جي طريقن مان وڃي سبق سکن.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو منهنجي ڳالهہ ٻڌي ٿو، ۽ هر روز منهنجي دروازن تي بيهي انتظار ٿو ڪري. هائو، اهو جيڪو منهنجي دروازن جي چانئٺن تي بيٺو ٿو رهي.


پر مون وراڻيو تہ ”آءٌ تہ اڳ ۾ ئي ڪپڙا لاهي چڪي آهيان، ڇا هاڻي آءٌ وري اهي پائيان؟ آءٌ تہ اڳ ۾ ئي پنهنجا پير بہ ڌوئي چڪي آهيان، هاڻي وري ڪيئن انهن کي ميرو ڪريان؟“


آءٌ خداوند هميشہ اوهان جي رهنمائي ڪندس، ۽ رڻ‌پٽ ۾ بہ اوهان کي ڍاول رکندس. آءٌ اوهان کي مضبوط ۽ تندرست ڪندس. هائو، آءٌ اوهان کي اهڙي باغ وانگر ڪندس، جنهن کي جھجھو پاڻي ملندو هجي. اوهين اهڙي چشمي وانگر ٿيندا، جنهن جو پاڻي ڪڏهن بہ نہ ٿو سُڪي.


بني يعقوب، جنهن جو اولاد واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو آهي، تنهن کي ڪير ڳڻي سگھندو؟ بلڪ سندن رڳو چوٿين حصي جو بہ ڪو شمار نہ ٿو ڪري سگھي. شل مون بلعام جي پڇاڙي بہ انهن سچارن جهڙي ٿئي، بلڪ شل آءٌ انهن سچارن وارو موت مران.“


فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان دائمي زندگي ٿي ملي. اهو کاڌو ابنِ آدم اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پيءُ يعني خدا هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“


اسان جي خواهش آهي تہ اوهان مان هر ڪو خدمت ڪرڻ ۾ ساڳي سرگرمي پڇاڙيءَ تائين ڏيکاريندو رهي، تہ جيئن جن ڳالهين جي اوهين اميد رکو ٿا سي پوريون ٿين.


پوءِ انهن موٽي اچي يشوع کي چيو تہ ”عئي شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ سڀني ماڻهن جي وڃڻ جي ضرورت نہ آهي. رڳو ٻہ يا ٽي هزار ماڻهو وڃي اهو شهر هٿ ڪن. سو سڀني ماڻهن کي اوڏانهن وڃڻ جي تڪليف نہ ڏيو، ڇو تہ اتي ٿورا ماڻهو آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ