Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:24 - Muslim Sindhi Bible

24 جيڪو پنهنجي ٻار تي لڪڻ نہ ٿو کڻي، سو ڄڻ پنهنجي ٻار کان نفرت ٿو ڪري. مگر جنهن کي پنهنجي ٻار سان محبت آهي، سو انهيءَ کي بروقت سيکت ٿو ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 جيڪو پنهنجو لڪڻ نٿو ڪم آڻي سو پنهنجي پٽ کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو انهيءَ کي پيار ڪري ٿو سو بروقت انهيءَ کي سيکت ڏئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:24
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي سيکت ڏيو، انهيءَ کان اڳ جو وقت گذري وڃي. جيڪڏهن اوهين هنن کي نہ سڌاريندا تہ سندن برباديءَ ۾ اوهان جو هٿ آهي.


هر ٻار شروع ۾ ناسمجھہ هوندو آهي، مگر سيکت ئي ٻار کي سمجھدار بڻايو ڇڏي.


مار ڏيڻ ۽ ڇينڀڻ ٻارن کي ڏاهپ ٿو سيکاري، مگر جيڪي ٻار پنهنجي منهن ڇڏيا ٿا وڃن، سي پنهنجي والدين لاءِ شرمندگيءَ جو سبب ٿا بڻجن.


اي والدين! پنهنجي ٻارن جي صحيح نموني تربيت ڪريو، تہ اهي اوهان کي ڪڏهن بہ پريشان نہ ڪندا. بلڪ انهن جي ڪري اوهان کي دلي سڪون ملندو.


انهيءَ سبب جو جهڙيءَ طرح والدين پنهنجن پيارن ٻارن کي سڌارڻ لاءِ سيکت ڏيندا آهن، تهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ کي ئي سيکت ڏئي ٿو، جنهن سان هو پيار ڪري ٿو.


پر جيڪو مون کان محروم ٿو رهي، سو پنهنجو پاڻ تي ظلم ٿو ڪري. هائو، جيڪي مون کان نفرت ٿا ڪن، سي سڀ موت سان محبت ٿا رکن.“


”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماءُ پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.


اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي تربيت ڏيندو آهي، تيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي تربيت ٿي ڏني.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ