Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:22 - Muslim Sindhi Bible

22 نيڪ ماڻهو پنهنجي پيڙهين لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو، مگر گنهگارن جي ميڙيل دولت سچارن جي حوالي ڪئي ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 چڱو ماڻهو پنهنجي اولاد جي اولاد لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو؛ پر گنهگارن جي دولت سچن جي لاءِ سانڍي رکيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري اوهين هنن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ نہ ڪجو، نڪي سندن سلامتيءَ ۽ سربلندي لاءِ سندن مدد ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مضبوط بڻجو، انهيءَ ملڪ جي سٺي پيداوار کائو ۽ اُهو ملڪ پنهنجي اولاد لاءِ هميشہ واسطي ورثو ڪري ڇڏي وڃو.‘


تنهنجي هنن ٻانهن جا ٻار سلامتيءَ سان پيا گذاريندا، هائو، تنهنجي قوم جو نسل تنهنجي حضور ۾ قائم رهندو.


انهن جو نسل پوري ملڪ ۾ زور وارو ٿيندو. هائو، انهن سچارن جو سمورو اولاد سڀاڳو ٿيندو.


شال تون وڏي ڄمار ماڻي پنهنجي ٻارن جا ٻار بہ ڏسين. شال بني اسرائيل ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!


مون پنهنجي جوانيءَ کان وٺي پوڙهي ٿيڻ تائين ڪڏهن بہ سچار ماڻهن کي وساريل ڪين ڏٺو آهي، نڪي سندن اولاد کي مانيءَ جي ٽڪر لاءِ پنندو ڏٺو اٿم.


ابن ڏاڏن لاءِ سندن پوٽا ڏوهٽا فخر جو باعث آهن، ۽ اولاد جو فخر سندن والدين.


خبردار! ڳري وياج ۽ ناجائز منافعي سان پنهنجي دولت کي نہ وڌايو، ڇاڪاڻ تہ اها دولت اوهان کان کسي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي، جيڪو غريبن تي رحم ڪندڙ هوندو.


هائو، خدا جنهن ماڻهوءَ مان راضي ٿو رهي، تنهن کي ئي هو ڏاهپ، علم ۽ خوشي عطا ڪري ٿو. پر جيڪو ماڻهو گنهگار آهي، تنهن کان هو سخت محنت ۽ مشقت ٿو ڪرائي. پوءِ اهو ماڻهو جيڪي بہ ميڙي گڏ ڪري ٿو سو سڀ خدا انهيءَ جي حوالي ڪري ٿو جنهن تي هو راضي ٿئي ٿو. بس، انهيءَ ۾ بہ زندگيءَ جو راز آهي ۽ انهيءَ کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ