Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:21 - Muslim Sindhi Bible

21 گنهگار ماڻهو جيڏانهن بہ ويندو، مصيبت سندس پٺيان هوندي. مگر سچارن کي چڱو اجر ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 بدي گنهگارن جي پٺيان پوي ٿي: پر سچن کي چڱو بدلو ملي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:21
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن تون صحيح ڪم ڪرين ها تہ آءٌ تنهنجو نذرانو قبول ڪريان ها. پر جيئن تہ تو صحيح ڪم نہ ڪيو آهي، سو خبردار متان تون هاڻي گناهہ ۾ ڦاسي پوين. گناهہ تو کي جھڪائڻ چاهي ٿو پر تون ضرور مٿس غالب پئُہ.“


شال ڪو بدزبان ماڻهو هن ڌرتيءَ تي قائم نہ رهي، شال هر ظالم ماڻهو اوچتي آفت جو شڪار ٿي وڃي.


اي سچارؤ! ڏسو، بدڪار ماڻهن جي سر تي گھڻيون ئي مصيبتون اينديون آهن، پر جن جو ڀروسو خداوند تي آهي، تن کي چوڌاري رحمتون گھيرو ڪيو ٿيون رهن.


شال هو منهنجي دشمنن تي سندن بڇڙائي موٽائي آڻي! شال هو مون سان وفا ڪندي کين برباد ڪري ڇڏي!


هاڻ جڏهن تہ سچار کي بہ هن دنيا ۾ ئي بدلو ڏنو ٿو وڃي، تہ پوءِ بدڪار ۽ گنهگار هن دنيا ۾ جوڳي سزا کان ڪيئن ٿا بچي سگھن؟


جيڪو ڏاهن جي نصيحتن کي حقير ٿو ڄاڻي، سو نقصان ۾ ٿو وڃي، مگر جيڪو انهن کي مڃي مٿن عمل ٿو ڪري، سو فائدي ۾ ٿو وڃي.


جيڪو چڱائيءَ جي بدلي ۾ بڇڙائي ٿو ڪري، تنهن جي گھر مان مصيبت ڪڏهن نہ ويندي.


توڙي جو ايماندار ماڻهو بار بار ڪِري پوي، تہ بہ هو وري اُٿي کڙو ٿيندو. مگر جڏهن بدڪار ماڻهن تي آفت اچيو ڪڙڪي، تڏهن اهي منهن ڀر وڃيو ڪرن.


تنهنڪري تو تي آفت ايندي، جنهن کي تون ڪنهن بہ جادوءَ سان هٽائي نہ سگھندينءَ. هائو، تو تي اهڙي تہ مصيبت اچي ڪڙڪندي، جو تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگھندينءَ. اوچتو ئي اوچتو تو مٿان تباهي اچي نازل ٿيندي، جنهن بابت تو ڪڏهن سوچيو ئي نہ هوندو.


اي پنهنجي ملڪ ۾ باقي بچيل رهاڪؤ! آءٌ خداوند ئي چوان ٿو تہ ياد رکو، اوهان جي ملڪ تي مصيبت مٿان مصيبت اچڻ واري آهي،


پر جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا تہ ياد رکو تہ اوهين خداوند جا گنهگار ٿيندا ۽ يقين ڄاڻو تہ اوهان جو گناهہ اوهان کي پڪڙائيندو.


جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيئرو رهڻ نہ ٿي ڏئي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ