Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:17 - Muslim Sindhi Bible

17 بي‌ايمان قاصد مصيبت جو باعث ٿو بڻجي، مگر ايماندار ايلچي امن وَ سلامتي ٿو آڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 شرير قاصد خرابيءَ ۾ ڦاسي پوي ٿو: پر ايماندار ايلچي تندرستي آڻيندڙ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:17
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جهڙيءَ طرح سرڪو ڏندن ۾ ۽ دونهون اکين ۾ سوزش پيدا ٿو ڪري، تهڙيءَ طرح سُست نوڪر مالڪ لاءِ تڪليف جو سبب ٿو بڻجي.


جيڪو نصيحت نہ ٿو مڃي، تنهن کي غربت ۽ خواري حاصل ٿيندي. مگر جيڪو تنبيهہ تي ڌيان ٿو ڏئي، سو عزت حاصل ڪندو.


ايماندار قاصد پنهنجي موڪلڻ واري لاءِ ائين آهي، جيئن لاباري واري گرم موسم ۾ ٿڌو پاڻي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي مالڪ جي جان کي تازگي ٿو بخشي.


جهڙيءَ طرح اتر جو واءُ برسات آڻيندو آهي، تهڙيءَ طرح گلا غيبت واريون ڳالهيون غصو ڏياريو ڇڏين.


جيڪو ڪنهن بي‌عقل جي هٿان پيغام ٿو موڪلي، سو پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿو هڻي، يا وري پاڻ زهر جو پيالو ٿو پيئي.


جنهن وٽ خواب آهن سو پنهنجي خوابن کي منهنجو پيغام نہ چوي، پر جنهن وٽ منهنجو پيغام آهي سو ايمانداريءَ سان منهنجو ٻڌايل پيغام ئي بيان ڪري. ڀلا اناج جي ڀيٽ ۾ بُهہ جي ڪهڙي اهميت آهي؟


جيڪڏهن آءٌ تو کي بدڪارن لاءِ چوان تہ ’اهي ضرور مرندا،‘ پر جي تون انهن کي خبردار نہ ڪرين ۽ نہ وري کين تاڪيد ڪرين جو هو بدڪاريءَ واري رستي کان باز رهندي پنهنجي حياتي بچائي وٺن، تڏهن اهي بدڪار تہ پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري مرندا، پر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس.


انهن مئلن ۾ مديان جا پنج بادشاهہ اَوي، رقم، صور، حور ۽ ربع بہ هئا. هنن بعور جي پٽ بلعام کي بہ تلوار سان قتل ڪري ڇڏيو.


هاڻ جنهن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آهي تنهن لاءِ ضروري آهي تہ هو ديانتدار هجي.


ڪوبہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين انهن گھڻن ماڻهن وانگر نہ آهيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ مسيح بابت خدا جي پيغام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا کي حاضر ڄاڻيندي خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان مسيح ۾ ڳالهايون ٿا.


تنهنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آهيون ۽ خدا اسان جي وسيلي ماڻهن کي نصيحت ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ خدا کي پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرڻ ڏيو.


اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح، جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو، تنهن جو آءٌ شڪر ادا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هن مون کي ايماندار سمجھي پنهنجي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي.


جيڪي ڳالهيون تو گھڻن شاهدن جي روبرو مون کان ٻڌيون آهن، سي اهڙن ايماندار ماڻهن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق هجن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ