Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:15 - Muslim Sindhi Bible

15 گھڻي سمجھہ انسان کي ٻين ۾ عزت وارو ٿي بڻائي، مگر دغابازن واري راهہ ۾ تباهي وَ بربادي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 چڱي سمجهہ قبوليت ٿي بخشي: پر دغابازن جو رستو ڏکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:15
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند جي خوف رکڻ سان ئي دانائيءَ جي شروعات ٿئي ٿي. بيشڪ اهي سمجھو آهن جيڪي سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا. سندس واکاڻ هميشہ هميشہ تائين قائم رهندي.


بادشاهہ انهيءَ نوڪر تي مهربان ٿو رهي، جيڪو ڏاهپ سان ٿو هلي، مگر بي‌وقوفيءَ سان هلڻ واري تي بادشاهہ ڪاوڙجي کيس سزا ٿو ڏئي.


جيڪو سڌي رستي کان ڦري ٿو وڃي، تنهن لاءِ سخت سزا آهي، ۽ جيڪو تنبيهہ کي ڌڪاري ٿو سو ضرور مرندو.


ائين ڪرڻ سان ئي اوهين خدا ۽ ماڻهن جي نظر ۾ مقبوليت ۽ نيڪ نامي حاصل ڪندا.


ٻڌ، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا تو کي کولي ٿو ٻڌايان تہ تنهنجي اها بڇڙائي ئي تو کي سزا ڏيندي، تنهنجي اها سرڪشي تو کي ملامت ڪندي. سو تو کي خبر پئجي ويندي تہ مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي تو ڪيڏي نہ خراب ۽ غلط ڳالهہ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تو کي منهنجو ڪو ڊپ ئي نہ رهيو آهي.“


عيسيٰ جسم توڙي سياڻپ ۾ وڌندو ويو ۽ کيس خدا ۽ ماڻهن جو راضپو پڻ حاصل ٿيندو ويو.


۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين. خدا کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي بادشاهہ جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو.


پوءِ جن ڪمن تي اوهين هن مهل شرمسار آهيو، تن کي ڪرڻ مان اوهان کي ڪهڙو فائدو مليو؟ ڪجھہ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ انهن ڪمن جو نتيجو تہ موت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ