Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 13:11 - Muslim Sindhi Bible

11 غلط طريقن سان حاصل ڪيل دولت جلد ئي ويندي رهي ٿي، مگر جيڪو پورهئي وسيلي ٿورو ٿورو ڪري گڏ ٿو ڪري، تنهن جي دولت وڌندي رهي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اجائي هلت سان حاصل ڪيل دولت گهٽجي ويندي: پر جيڪو پورهيو ڪري اُها گڏ ڪري ٿو تنهنجي وڌندي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 13:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو دولت ڳهي تہ ويا آهن، پر اها هو وري الٽي ڪري ٻاهر ڪڍندا، خدا سندن پيٽ مان اها ڪڍي ڇڏيندو.


تنهنجي هٿن جو پورهيو تو کي روزي مهيا ڪندو. تون سکيو رهندين ۽ هر دم تنهنجو ڀلو ٿيندو.


بي‌ايمانيءَ وسيلي گڏ ڪيل دولت مان ڪو فائدو ڪونهي، مگر ايمانداري موت کان بچائي سگھي ٿي.


تڪبر وارو صلاح مصلحت تي ڌيان نہ ڏيئي مصيبتن ۾ ڦاسيو وڃي، مگر صلاح مصلحت سان هلڻ ۾ ئي دانائي آهي.


اميد پوري ٿيڻ ۾ دير ٿيڻ ڪري دل ٽٽي پوي ٿي، مگر جڏهن مراد پوري ٿئي ٿي، تڏهن دل خوشين سان ڀرجيو وڃي.


جيڪو ورثو تڪڙ ۾ حاصل ڪيو وڃي ٿو، تنهن ۾ برڪت نہ ٿي ٿئي.


ٺڳيءَ وسيلي حاصل ڪيل دولت ٻاڦ مثل آهي، جيڪا جلد گم ٿيو وڃي. جيڪي اهڙي دولت جي ڳولا ٿا ڪن، سي موت جي ڳولا ٿا ڪن.


ايماندار ماڻهن تي خدا بي‌انداز برڪتون نازل ڪري ٿو، مگر بي‌ايمان ماڻهو، جيڪي جلدي دولتمند ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، سي سزا کان بچي نہ سگھندا.


خودغرض ماڻهو جلدي شاهوڪار ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، پر کين خبر ئي نہ ٿي پوي تہ مفلسي مٿن ڪڙڪڻ واري آهي.


خبردار! ڳري وياج ۽ ناجائز منافعي سان پنهنجي دولت کي نہ وڌايو، ڇاڪاڻ تہ اها دولت اوهان کان کسي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي، جيڪو غريبن تي رحم ڪندڙ هوندو.


پر پوءِ سندن اها دولت ڪنهن غلط فيصلي جي ڪري برباد ٿيو وڃي. ٻيو هي تہ جڏهن ڪو ٻار ڄمي ٿو تہ اهو خالي هٿين هن دنيا ۾ اچي ٿو.


جيڪي ماڻهو ناجائز طريقن سان دولت گڏ ڪن ٿا، سي ان تتر وانگر آهن، جيڪو ٻين جي آنن مان ٻچا ڦوڙي ٿو، پر پوءِ اهي ٻچا کيس ڇڏي هليا ٿا وڃن. ساڳيءَ طرح انهن ماڻهن جي هٿ ڪيل دولت بہ سندن اڌ عمر ۾ ئي ساٿ ڇڏي ويندي، ۽ پڇاڙيءَ ۾ اهي بي‌وقوفن مان ليکبا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ