3 بدڪاريءَ سان ڪوبہ انسان قائم رهي نہ ٿو سگھي، مگر سچار ماڻهو اونهي پاڙ لڳل وڻ جيان قائم رهي ٿو.
3 ماڻهو شرارت جي ڪري قائم نہ رهندو: پر سچي جي پاڙ ڪڏهن بہ چورڻ جي ناهي.
هو دولتمند نہ رهندا، نڪي سندن مال ملڪيت جٽاءُ ڪندو، نڪي اهڙن جي ملڪيت ڌرتيءَ تي وڌندي ويجھندي.
هو ڪنهن کي اڌارا پئسا ڏيئي کانئس وياج نہ ٿا وٺن، نڪي هو ڪنهن بيڏوهيءَ جي خلاف ڪا رشوت ٿا وٺن. جيڪي اهڙا چڱا ڪم ڪن ٿا، تن کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ ايندو.
مصيبت جي وقت بدڪار ماڻهو ائين فنا ٿي ويندا، جيئن واچوڙو شين کي اڏائي گم ڪريو ڇڏي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي جاءِ تي هميشہ قائم وَ دائم رهندا.
نيڪ ماڻهن جي ايمانداري سڌي راهہ ڏيکاري ٿي، مگر بدڪار ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري برباديءَ جي کڏ ۾ وڃيو ڪرن.
بدڪار ماڻهو بڇڙائيءَ واري ڪمائي ٿا کائين، مگر سچار ماڻهو پاڻ اونهي پاڙ واري ڦلدار وڻ مثل آهن.
اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي جيڪو پاڻ کي مرڻ کان بچائي سگھي، نڪي ڪو موت جي ڏينهن کي ٽاري سگھي ٿو، نڪي ڪو جنگ کان پاڻ بچائي سگھي ٿو ۽ نہ ئي وري بدڪارن کي سندن بڇڙائي ڪو بچائي سگھي ٿي.
۽ ايمان رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها دعا آءٌ انهيءَ ڪري گھران ٿو تہ جيئن اوهين محبت ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي زندگي گذاريو.
هائو، مسيح ۾ پاڙ ڄمائيندا ۽ مٿس پنهنجي زندگي اڏيندا وڃو. جيئن اوهان کي تعليم ملي آهي، تيئن ايمان ۾ مضبوط ٿيندا وڃو ۽ بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو.
شل تنهنجي عقلمنديءَ جي ڪري تون برڪت واري هجين. تو اڄ مون کي خون جهڙي ڏوهہ کان ۽ پنهنجي هٿن سان وير وٺڻ کان بچايو آهي.