25 ڳڻتيءَ جهڙي ڪا بيماري ڪانهي، خوشيءَ جهڙي ڪا خوراڪ ڪانهي.
25 دل جو فڪر ماڻهوءَ کي جهڪائي ڇڏي ٿو، پر چڱي گفتگو انهيءَ کي خوش ڪري ٿي.
آءٌ ڪٻڙو ٿي ويو آهيان ۽ ڏاڍو جھڪي پيو آهيان. منهنجو سڄو ڏينهن روئندي روئندي پيو گذري.
پر مون کي دلگير ٿيڻ نہ کپي، نڪي منهنجي اندر ۾ ايڏي بيقراري هئڻ گھرجي، بلڪ منهنجي اميد خدا ۾ ئي قائم رهندي. هائو، آءٌ اڃا بہ انهيءَ جي ئي تعريف ڪندس، جيڪو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو خدا آهي.
تکي زبان تلوار وانگر گھاءَ ٿي رسائي، مگر عقلمند جي زبان گھائن کي ڇٽايو ڇڏي.
سچار ماڻهو دوستن جي رهنمائي ٿا ڪن، مگر بدڪارن جي راهہ گمراهي آهي.
هر ڪو پنهنجا ڏک سک پاڻ ئي ٿو ڄاڻي، ٻئي کي ڪنهن جي دل جي ڪهڙي خبر.
دل جي خوشي چهري کي رونق بخشيو ڇڏي، مگر دل جي غمگيني انسان جو حليو ئي بگاڙيو ڇڏي.
بيشڪ غريب ماڻهوءَ جي زندگي مشڪلاتن ۾ ٿي گذري، مگر خوشدل ماڻهو ان حال ۾ بہ زندگيءَ جو لطف پيا ماڻين.
چڱي ڳالهہ ٻڌائڻ سان خوشي ٿي ٿئي، بلڪ موزون وقت تي صحيح جواب ٻڌائڻ ۾ بہ مزو اچي ٿو.
مرڪندڙ چهرو دل خوش ڪريو ڇڏي، ۽ خوشخبري چهري ۾ تازگي آڻيو ڇڏي.
مهربانيءَ وارا لفظ ماکيءَ جهڙا ٿا ٿين. هائو، اهي ماکيءَ جهڙا مٺا ۽ تازگي بخشيندڙ آهن.
خوشيءَ جهڙي ڪا دوا ناهي، ۽ نااميديءَ جهڙي ڪا بيماري ناهي.
عزم وَ همت انسان کي بيماريءَ ۾ بہ سهارو ڏئي ٿي، مگر مايوسي انسان کان آخري اميد بہ کسيو وٺي.
صحيح وقت تي صحيح ڳالهہ چوڻ ائين آهي، جيئن سون تي سهاڳو هجي.
سُرهو تيل ۽ عطر دل کي فرحت ٿا ڏين، مگر سچي دوستي اڃا بہ وڌيڪ راحت واري آهي.
خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.
تڏهن رويا سمجھائڻ واري ملائڪ کي خداوند ٻاجھہ ۽ تسلي ڀريا لفظ چيا.