24 محنت ڪرڻ وارا حاڪم بڻجي سگھن ٿا، مگر سُست ماڻهو غلاميءَ ۾ پيا لوڙين ٿا.
24 محنتي ماڻهوءَ جو هٿ حڪمراني ڪندو: پر سست ماڻهوءَ کان زور سان سخت ڪم ورتو ويندو.
پر جڏهن هو ڪا چڱي آرامگاهہ يا ڪا دلپسند زمين ڏسندا، تڏهن ڪلهي تي بار کڻڻ لاءِ پنهنجو ڪلهو جھڪائيندا، توڙي جو کين غلام بڻجي مجبوراً ڪم ڪرڻو پوي.
انهيءَ وقت هن جي نظر يربعام تي پيئي جيڪو هڪ همت ڀريو ماڻهو هو ۽ ڏاڍي محنت سان ڪم ڪري رهيو هو. سو سليمان هن کي بني افرائيم ۽ بني منسيءَ جي سڄي بيگاري ماڻهن جو نگران مقرر ڪيو.
پوءِ جڏهن اتر وارن ڏهن قبيلن ٻڌو تہ يربعام مصر مان موٽي آيو آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي انهيءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کيس پنهنجو بادشاهہ بڻايائون. دائود جي گھراڻي سان رڳو سندن قبيلو يهوداہ ئي وفادار رهيو.
سُستي انسان کي غربت ڏانهن وٺيو وڃي، مگر محنت انسان کي دولتمند بڻايو ڇڏي.
سُست شڪاري پنهنجو شڪار بہ نہ ٿو پڪڙي سگھي، مگر محنتي ماڻهو گھڻو ڪجھہ حاصل ڪري سگھي ٿو.
سُست ماڻهو خواهش تہ ڪري ٿو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ٿو ٿئيس، جڏهن تہ محنت ماڻهوءَ کي خوشحال ڪريو ڇڏي.
عقلمند نوڪر مالڪ جي انهيءَ پٽ تي حڪم هلائيندو، جيڪو پيءُ جي خواريءَ جو باعث آهي. مالڪ پنهنجي انهيءَ نوڪر کي ملڪيت مان پٽن سان گڏ حصو ڏيندو.
سُست ماڻهو ڄڻ تہ ننڊ ۾ ٿو رهي، جنهن ڪري اهو بکون ٿو ڪاٽي.
سُست ماڻهو ڪم کان نٽائيندي چون ٿا تہ ”ٻاهر گھٽين ۾ تہ شينهن ويٺو آهي، جيڪو مون کي کائي چٽ ڪري ڇڏيندو.“
مها ڪاريگر عام ڪاريگرن کان وڌيڪ آهي، سو کانئس بادشاهن جي لاءِ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. هائو، عام ماڻهن جو ڪم کانئس نہ ٿو ڪرايو وڃي.
جڏهن بني اسرائيل مضبوط ٿيا، تڏهن هو ڪنعانين کان بيگر جو ڪم وٺڻ لڳا پر انهن کي صفا هڪالي نہ ڪڍيائون.