Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 12:23 - Muslim Sindhi Bible

23 سمجھہ وارو ماڻهو پنهنجي ڄاڻ کي راز ۾ ٿو رکي، مگر بي‌وقوف ماڻهو پنهنجي بي‌عقليءَ جو ڍنڍورو ڏيندو ٿو وتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 سياڻو ماڻهو علم لڪائي ٿو: پر بي عقلن جي دل بي عقليءَ جو ڍنڍورو ڏئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 12:23
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

رات جو ڪجھہ ماڻهن سان گڏجي اتان نڪتس. مون ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي نہ ٻڌايو تہ خدا منهنجيءَ دل ۾ يروشلم بابت ڇا وڌو آهي. جنهن وهٽ تي آءٌ چڙهيل هئس، تنهن کان سواءِ اسان کي ٻيو ڪو وهٽ ڪونہ هو.


اڳواڻن کي اها خبر ئي ڪانہ پيئي تہ آءٌ ڪيڏانهن ڪيڏانهن ويو هئس ۽ ڇا ڇا پئي ڪيم، ڇاڪاڻ تہ اڃا تائين مون يهودين يعني ڪاهنن، اميرن، اڳواڻن يا ڪن ٻين ماڻهن جن کي ڪم ۾ حصو وٺڻو هو تن مان ڪنهن کي بہ ڪين ٻڌايو هو.


عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪندو ٿو رهي، مگر بڪواسي بي‌عقل ڌيان نہ ڏيئي ڪري پاڻ کي تباهہ ڪريو ڇڏي.


گھڻي ڳالهائڻ سان انسان غلط ڳالهايو وجھي، تنهنڪري زبان تي ضابطو رکڻ عقلمندي آهي.


چغلخور تي رازداريءَ جو ڀروسو نہ ٿو ڪري سگھجي، مگر جيڪو ايماندار ماڻهو آهي سو ئي رازدار ٿي سگھي ٿو.


عقلمند ماڻهو ڪوبہ ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچ ويچار ڪندا آهن، مگر بي‌وقوف ماڻهو پنهنجي جهالت جو اشتهار بڻجيو وڃن.


عقلمند جي دل ۾ ڏاهپ گھر ڪريو ويهي، مگر بي‌عقلن جي دل ۾ انهيءَ جي ڪا ڄاڻ ئي نہ ٿي رهي.


جيڪا نصيحت عقلمندن جي زبان مان ٿي نڪري، سا وڻندڙ آهي. مگر بي‌عقلن جي وات مان بي‌وقوفي وهيو نڪري.


بي‌عقل ماڻهو سمجھہ حاصل ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نہ ٿو رکي، اٽلندو اهو چاهي ٿو تہ رڳو سندس ڳالهيون ٻڌيون وڃن.


بي‌عقل ماڻهو کُليو کُلايو پنهنجي ڪاوڙ ظاهر ڪريو وجھن، مگر ڏاها ماڻهو صبر ڪندي ڪاوڙ کي پي ٿا وڃن.


بي‌عقل ماڻهن جي زندگي گذارڻ جي طريقن مان ئي سندن بي‌وقوفي ظاهر ٿئي ٿي. هائو، کين ڏسي آسانيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو تہ اهي بي‌عقل آهن.


تڏهن سائول پنهنجي چاچي کي وراڻيو تہ ”هن اسان کي پڪ ڏياري تہ گڏهہ لڌا آهن.“ پر بادشاهت واري ڳالهہ جيڪا سموئيل هن کي چئي هئي سا چاچي کي نہ ٻڌايائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ