21 سچار ماڻهوءَ تي ڪا آفت ڪانہ ايندي، مگر بدڪار ماڻهو سدائين مصيبتن ۾ هوندا.
21 سچي کي ڪوبہ نقصان نہ رسندو: پر شرير خرابيءَ سان ڀرجي ويندو.
خداوند تو کي هر بلا کان محفوظ رکندو، هائو، هو تنهنجيءَ جان جي حفاظت ڪندو.
سو هاڻي اوهان تي ڪابہ مصيبت ڪانہ ايندي، نڪي وري ڪابہ آفت اوهان جي گھر جي ويجھو ايندي.
تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجو ڪيتو پاڻ لوڙيندا ۽ پنهنجي افعالن جي پوري پوري سزا ڀوڳيندا.
پر جيڪو بہ منهنجي ٻڌندو، سو صحيح سلامت رهندو ۽ انهيءَ کي ڪنهن بہ آفت جو ڪوبہ ڊپ ڪونہ رهندو.“
يقيناً بدڪار ماڻهو سزا کان بچي نہ سگھندا، مگر سچار ماڻهو ضرور بچايا ويندا.
بڇڙائيءَ جا منصوبا جوڙيندڙ جي دل ۾ ٺڳي ٿي رهي، مگر نيڪ صلاحون ڏيندڙ خوشيون ٿا حاصل ڪن.
انسان جيڪي پوکيندو سو ئي لڻندو، پوءِ نيڪي پوکي چاهي بڇڙائي.
خدا جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو. بلڪ خداترس ماڻهو هميشہ آرام سان سمهن ٿا، ۽ هر برائيءَ کان محفوظ رهن ٿا.
چڱي ڳالهہ هيءَ آهي جو اوهين ٻنهي جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ کان بچي وڃو. خدا کان ڊڄندا رهو. بس، اهو ئي اوهان جو فرض آهي.
جيڪو بادشاهہ جو حڪم بجا آڻيندو، سو مشڪلاتن جو منهن نہ ڏسندو. تنهنڪري ڏاهو ماڻهو اهو ڄاڻي ٿو تہ ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ ڪڏهن ڪرڻ گھرجي.
پر هاڻ توهان بہ فخر بدران شرمسار ٿيندءُ، توهان جو بہ وارو اچڻ وارو آهي، جڏهن توهان کي بہ اهڙي مئي پيئاري نشي ۾ بيحرمتو ڪيو ويندو. خدواند جي طرفان غصي وارو پيالو توهان ڏانهن ڦرڻ وارو آهي، ۽ خواري توهان جي فخر تي غالب ايندي.
اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن.
ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت اسين سهون ٿا سا خسيس ۽ ٿوري دير جي لاءِ آهي. اها اسان لاءِ هڪ اهڙو زبردست ۽ دائمي جلوو پيدا ڪندي ٿي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مصيبت ڪجھہ بہ ناهي.
جيڪڏهن اوهين نيڪي ڪرڻ ۾ سرگرم آهيو تہ ڪير اوهان سان برائي ڪندو؟
اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو.