Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 12:20 - Muslim Sindhi Bible

20 بڇڙائيءَ جا منصوبا جوڙيندڙ جي دل ۾ ٺڳي ٿي رهي، مگر نيڪ صلاحون ڏيندڙ خوشيون ٿا حاصل ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 جيڪي خرابيءَ جون رٿون ڪن ٿا تن جي دل ۾ ٺڳي آهي: پر صلح جي مصلحت ڪرڻ وارن لاءِ خوشي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 12:20
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا، ڇاڪاڻ تہ سندس پيءُ جي مرڻ کان پوءِ اخي‌اب جي گھراڻي وارن کيس بڇڙيون صلاحون ڏيئي برباد ڪيو.


جيڪي تنهنجي قانونن کان ڦري ويا آهن، تن کي تون حقير ٿو ڄاڻين. سندن اها دغابازي بلڪل ئي بي‌فائدي آهي.


بدڪار ماڻهو بڇڙائيءَ واري ڪمائي ٿا کائين، مگر سچار ماڻهو پاڻ اونهي پاڙ واري ڦلدار وڻ مثل آهن.


ڪوڙ جي حياتي پاڻيءَ جي ڦوٽي مثل آهي، مگر سچ هميشہ تائين قائم ٿو رهي.


سچار ماڻهوءَ تي ڪا آفت ڪانہ ايندي، مگر بدڪار ماڻهو سدائين مصيبتن ۾ هوندا.


پر اي خداوند! مون تہ ڪڏهن بہ تو تي زور نہ ڏنو آهي تہ ”تون هنن تي ڪا مصيبت آڻ.“ مون تہ ڪڏهن بہ هنن لاءِ مصيبت جي ڏينهن جي خواهش نہ ڪئي آهي. جيڪي منهنجي واتان نڪتو هو سو تون ڄاڻين ٿو.


باقي هنن ٻنهي بادشاهن جي دل بڇڙائيءَ ڏانهن راغب هوندي. هو هڪڙي ئي دسترخوان تي ويهي هڪٻئي سان ڪوڙ ڳالهائيندا. پر انهن کي ڪوبہ فائدو نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين جو خدا اڳ ئي وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


هائو، اهو ئي مون خداوند جي هيڪل تعمير ڪندو. سندس شان وَ شوڪت وڌي ويندو ۽ اهو پنهنجي تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو. درٻار ۾ هو پنهنجي ساڄي هٿ تي ڪاهن کي ويهاريندو ۽ اهي ٻيئي پاڻ ۾ اتفاق سان صلاح مصلحت ڪندا.‘


سڀاڳا آهن اهي جيڪي ماڻهن ۾ صلح ڪرائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي پنهنجا ٻار سڏيندو.


سو هو هر طرح جي بڇڙائيءَ، بديءَ، لالچ، بدنيتيءَ، ريس، خونريزيءَ، جھيڙي، ٺڳيءَ ۽ ساڙ سان ڀرجي وڃن ٿا. هو چغلخور،


سڀني ماڻهن سان صلح وَ سلامتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ