17 سچ ڳالهائڻ سان عدالت ۾ انصاف ٿو ٿئي، مگر ڪوڙي شاهدي ناانصافيءَ ڏانهن وٺيو وڃي.
17 جيڪو سچ چوي ٿو سو سچائي ظاهر ڪري ٿو، پر ڪوڙو شاهد ٺڳي ظاهر ڪري ٿو.
بيوقوف ماڻهوءَ جو غصو هڪدم ظاهر ٿيو پوي، مگر سياڻو ماڻهو پنهنجي غصي تي ضابطو رکي ٿو.
تکي زبان تلوار وانگر گھاءَ ٿي رسائي، مگر عقلمند جي زبان گھائن کي ڇٽايو ڇڏي.
سچو شاهد ماڻهوءَ جي زندگي بچائي ٿو، مگر ڪوڙو شاهد دغابازي ٿو ڪري.
ايماندار شاهد سچ ٿو ڳالهائي، مگر بيايمان شاهد ڪوڙ ئي ڪوڙ ٿو ڳالهائي.
بيايمان شاهد انصاف کي خسيس ٿا سمجھن، ۽ بدڪار ماڻهو برائيءَ کي پسند ٿا ڪن.
ڪوڙي شاهد کي ضرور سزا ملندي. هائو، اهو هرگز بچي نہ سگھندو.
ڪوڙي شاهد کي جلدي ماٺ ڪرايو ويندو، مگر سچو شاهد جيڪو سوچ ويچار سان ڳالهائي ٿو، تنهن جو هر هڪ لفظ قبول ڪيو ويندو.
اوهين ڪنهن جي بہ خلاف بنا ڄاڻ جي شاهدي نہ ڏيو. هائو، عدالت کي دوکو ڏيڻ لاءِ ڪوڙ نہ ڳالهايو.
ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائيندڙ شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جھيڙو وجھندڙ ماڻهو.
هاڻي اوهان کي رڳو اهو ڪرڻو آهي جو هڪٻئي سان سچ ڳالهايو ۽ پنهنجين عدالتن ۾ حق ۽ سچ وارا فيصلا ڪريو تہ جيئن امن وَ سلامتي قائم رهي.
هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: خون، زناڪاري، حرامڪاري، چوري، ڪوڙي شاهدي ۽ گلاخوري.
سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ جي خلاف ڪا ڪوڙي شاهدي هٿ ڪن، تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين.
پوءِ اهي ڪن اهڙن ماڻهن کي اندر وٺي آيا، جيڪي هن جي مٿان ڪوڙي شاهدي ڏين. انهن ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو هميشہ اسان جي مقدس هيڪل ۽ موسيٰ جي شريعت جي خلاف ڳالهائيندو آهي.
۽ پنهنجي نيت کي صاف رکڻ سان. پوءِ جيڪي ماڻهو اوهان کي مسيح جي پوئلڳ هئڻ ڪري اوهان جي چڱي هلت چلت بابت گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين، سي پنهنجي انهيءَ بدزبانيءَ تي شرمندا ٿيندا.