16 بيوقوف ماڻهوءَ جو غصو هڪدم ظاهر ٿيو پوي، مگر سياڻو ماڻهو پنهنجي غصي تي ضابطو رکي ٿو.
16 بي عقل جي چڙ هڪدم معلوم ٿي وڃي ٿي: پر سياڻو ماڻهو خواري لڪائي ڇڏي ٿو.
خبردار، چڙ بيعقل ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي، هائو، خدا سان ناراضگي نادان ماڻهوءَ کي ڪُهي ڇڏي ٿي.
نفرت جھيڙا جھڳڙا پيدا ٿي ڪري، مگر محبت سڀني خطائن کي ڍڪي ٿي ڇڏي.
سچ ڳالهائڻ سان عدالت ۾ انصاف ٿو ٿئي، مگر ڪوڙي شاهدي ناانصافيءَ ڏانهن وٺيو وڃي.
عقلمند جي دل ۾ ڏاهپ گھر ڪريو ويهي، مگر بيعقلن جي دل ۾ انهيءَ جي ڪا ڄاڻ ئي نہ ٿي رهي.
عقلمند انسان لاءِ عقل حياتي بخشيندڙ چشمو آهي، مگر بيعقل بيوقوفيءَ جي تربيت حاصل ڪري ٿو.
جيڪي دوست جو قصور معاف ٿا ڪن، سي محبت وڌائين ٿا. پر جيڪي قصور جي شڪايت بار بار پيا ڪن، سي پنهنجي گھاٽي دوست کي بہ پاڻ کان جدا ڪيو ڇڏين.
جيڪو پنهنجي طبيعت تي ضابطو نہ ٿو رکي سگھي، تنهن کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي، جيئن اهو شهر جنهن جو ڪوٽ ڀڳل ڊٺل هجي.
پٿر ڳرو ٿو ٿئي ۽ واري اڃا بہ وزني ٿئي ٿي، مگر بيعقل جي بيعقلي ٻين لاءِ انهن کان وڌيڪ ڳري آهي.
بيعقل ماڻهو کُليو کُلايو پنهنجي ڪاوڙ ظاهر ڪريو وجھن، مگر ڏاها ماڻهو صبر ڪندي ڪاوڙ کي پي ٿا وڃن.
اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي،