12 بدڪار ماڻهو بڇڙائيءَ واري ڪمائي ٿا کائين، مگر سچار ماڻهو پاڻ اونهي پاڙ واري ڦلدار وڻ مثل آهن.
12 شرير خراب ماڻهن جو ڄار چاهي ٿو: پر سچي جي پاڙ ڦر پيدا ڪري ٿي.
اهي انهيءَ وڻ مثل آهن جيڪو نهر جي ڪپ تي لڳل هجي، جيڪو پنهنجي وقت تي ميوو ڏئي ٿو، ۽ جنهن جو پن بہ نہ ٿو ڪومائجي. بيشڪ هو جيڪي بہ ڪن ٿا تنهن ۾ ڪامياب ٿيندا.
جيئن ببر شينهن ڪنهن آڙ ۾ ڇَپُ هڻي ويهي ٿو، تيئن ئي هو پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ لڪي ويهن ٿا. هائو، هو غريبن کي پڪڙڻ خاطر تاڙ ۾ ويهن ٿا. هو مسڪينن کي پنهنجيءَ ڄار ۾ ڦاسائي سوگھو ڪن ٿا.
اي خداوند! بيشڪ تو سچو انصاف ڪري پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي، جيڪا کڏ غير قوم وارن ٻين لاءِ کوٽي هئي، تنهن ۾ اهي پاڻ ئي ڪري پيا آهن. هنن جيڪا ڪوڙڪي ٻين لاءِ اڏي هئي، تنهن ۾ سندن ئي پير ڦاٿا آهن. هائو، جيڪي بہ بڇڙا ماڻهو آهن، سي پنهنجي ئي ڪمن ۾ ڦاٿل آهن.
دولت شاهوڪار لاءِ هڪ مضبوط قلعي مثل آهي، مگر غربت غريبن کي ناس ڪريو ڇڏي.
جيئن چڱا ميوا ڦلدار وڻ مان ملندا آهن، تيئن نيڪ ماڻهن جا عمل زندگي بخشين ٿا، مگر بڇڙائي حياتيون برباد ڪريو ڇڏي.
بدڪار ماڻهو هميشہ بڇڙائي ٿا چاهين، انهن وٽ رحم آهي ئي ڪونہ.
ايندڙ ڏينهن ۾ يعقوب جو اولاد بني اسرائيل انگورن جي ول وانگر پاڙ هڻندا، ٻور جھليندا ۽ گل ڪندا، ۽ سڄي دنيا کي ميون سان ڀري ڇڏيندا.
هڪ دفعو وري يهوداہ وارن مان باقي بچيل ماڻهو ٻوٽي وانگر وري هيٺ پاڙ هڻندا ۽ مٿي اڀري ڦر جھليندا.
ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هموطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.
اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.
آءٌ ول آهيان ۽ اوهين منهنجيون ٽاريون آهيو. جيڪو مون ۾ رهي ٿو، تنهن ۾ آءٌ رهان ٿو ۽ اهو ئي گھڻو ميوو جھليندو، ڇاڪاڻ تہ مون کان جدا ٿي اوهين ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھو.
پر هاڻي اوهين گناهہ کان آزاد ڪيا ويا آهيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آهيو، جنهن جو فائدو اوهان کي پاڪيزگيءَ جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ انهيءَ جو نتيجو آهي دائمي زندگي.