Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




چوڻيون 12:10 - Muslim Sindhi Bible

10 سچار ماڻهو پنهنجي ڍورن جي بہ سٺي سار سنڀال لهي ٿو، مگر بدڪار جو رحم بہ ظلم وارو رويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 سچو ماڻهو پنهنجي جانور جي ساهہ جي سنڀال رکي ٿو: پر شريرن جون رحم جهڙيون مهربانيون بہ ظلم جهڙيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




چوڻيون 12:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪو ماڻهو پاڻ کي وڏو معتبر چوي ٿو، جڏهن تہ مانيءَ جو بہ محتاج آهي، تنهن کان اهو ماڻهو وڌيڪ بهتر آهي، جيڪو عام ماڻهو هجڻ باوجود هڪ نوڪر رکي سگھي ٿو.


جيستائين آءٌ نہ اچان. آءٌ اوهان کي وٺي اوهان جي ئي ملڪ جهڙي انهيءَ ملڪ ۾ آباد ڪندس جتي اناج ۽ مئي آهي، ماني ۽ انگور آهن، زيتون جو تيل ۽ ماکي آهي. سو منهنجي ڳالهہ مڃيندا تہ مرڻ کان بچي ويندا.


عورت کيس چيو تہ ”سائين! اوهان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ بہ اونهو آهي. پوءِ اوهين زندگيءَ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟


هائو، موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“ ڇا ڀلا خدا کي رڳو ڍڳن جي ڳڻتي آهي؟


جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“


جيڪڏهن ڪنهن وٽ دنيا جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟


تڏهن ادوني‌بزق چوڻ لڳو تہ ”ستر بادشاهہ جن جي هٿن پيرن جا آڱوٺا وڍيل هئا، سي منهنجي دسترخوان تي ڪريل مانيءَ جا ڀورا گڏ ڪري کائيندا هئا. هاڻ خدا بہ بدلي ۾ مون سان ائين ئي ڪيو آهي جيئن مون انهن سان ڪيو هو.“ پوءِ کيس يروشلم ۾ آندو ويو جتي هو مري ويو.


عموني بادشاهہ ناحس کين چيو تہ ”انهيءَ شرط تي آءٌ اوهان سان معاهدو ڪندس جو آءٌ اوهان سڀني جون ساڄيون اکيون ڪڍائي ڇڏيان ۽ اهو خواريءَ جو داغ سڄي بني اسرائيل کي لڳايان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ