8 سچارن کي خداوند مصيبتن مان بچائي وٺي ٿو، مگر بدڪارن تي مصيبتون اچيو ڪڙڪن.
8 سچو تڪليف کان بچايو وڃي ٿو: ۽ شرير انهيءَ جي جاءِ تي اچي پوي ٿو.
خداوند سچارن کي بچائي وٺي ٿو. اهو ئي مصيبت جي وقت تي سندن جاءِپناهہ آهي.
بدڪار ماڻهوءَ جو موت، ساڻس گڏ سڀ اميدون خاڪ ۾ ملايو ڇڏي، خاص طور اهي اميدون جيڪي کيس دولتمنديءَ ۾ آهن.
جيڪو خدا تي ايمان نہ ٿو رکي سو پنهنجي بڪواس سان پنهنجي پاڙيسريءَ کي برباد ٿو ڪري، مگر سچار ماڻهو ڏاهپ وارين ڳالهين سان پنهنجي پاڙيسريءَ جي حفاظت ٿو ڪري.
بدڪار ماڻهو پنهنجين ئي ڳالهين جي ڪري ڦاسيو پوي، مگر ايماندار ماڻهو مصيبتن مان ڇڏايا ٿا وڃن.
سزا جي وقت نيڪ ماڻهو بچايا ويندا، مگر انهن جي بدلي بدڪارن کي سزا ڏني ويندي.
انهيءَ کان پوءِ بادشاهہ دارا سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ سڀني قومن ۽ قبيلن توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارن ڏانهن هي خط لکيو تہ ”شل اوهان تي گھڻي کان گھڻي سلامتي هجي.